اٽل رام، سوامي: سنت سوامي اٽل رام جو جنم 18 فيبروري 1889ع ۾ لاڙڪاڻي جي لشڪري ڳوٺ ۾ شري ساڌو رام جي گھر ۾ ٿيو. اٽل رام جي ڄمڻ کان اڳ سندس والد جي مرشد وسڻ گھوٽ کيس هدايت ڪئي هئي ته ”پٽ ڄمندءِ، پر اهو سوامي ڌرمداس وٽ ڇڏج“ ته ائين ئي هن جو پيءُ ساڌو رام کيس پنجن ورهين جي ڄمار ۾ سوامي ڌرمداس وٽ ڇڏي آيو. اتي سنت پرڪاش کيس گرمکي ۽ هنديءَ جا اکر سيکاريا ۽ پستڪ پڻ پاڙهيا. ان دؤران هي وديا جي اڀياس سان گڏ سوامي ڌرمداس جي خدمت پڻ ڪندو رهيو. هن پنهنجي گرو ڌرمداس وانگر ٻاليون ۽ ڀڄن به ڳايا. سوامي اٽلرام مهاتما گانڌيءَ کان تمام گھڻو متاثر هئڻ سان گڏ سچو گانڌي وادي هو. 1921ع ۾ جڏهن گانڌي ”هريجن آندولن“ هلايو، تڏهن هن اٽل رام مندر جو دروازو هريجنن لاءِ کولي ڇڏيو. کيس قومي لاڙو رکندڙ سنت چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. هي گانڌيءَ کان ايترو ته متاثر هو، جو پوشاڪ به گانڌيءَ جھڙي پهريندو هو. ڏکايلن ۽ بي سهارا ماڻهن کي پيار ۽ آٿت ڏيندو هو.”نارائڻ درشن“ نالي هڪ پستڪ لکيائين. ورهاڱي جي ڪري سنڌ ڇڏيائين ۽ الهاس نگر ۾ وڃي درٻار وسايائين. هيءُ هوميوپيٿي ۽ يوناني علاج به ڄاڻندو هو. رحمدلي سندس خمير ۾ ڀريل هئي. آڌيءَ رات به جيڪڏهن ڪو سائل وٽس ڪنهن مريض جي علاج لاءِ ايندو هو ته ان سان گڏجي بيمار ڏانهن هليو ويندو هو. هن ڪيترا ڀڳتي ڀڄن لکڻ سميت سنڌي ۽ هندي ٻولين ۾ ڪيترا سلوڪ ۽ ڀڄن لکيا. هن جوڳي صفت سنت 1958ع ۾ وفات ڪئي.