
اٽڪ جو قلعو

اٽڪ شهر جو هڪ منظر

اٽڪ جو اهو علائقو جتي سنڌو دريا ۽ ڪابل دريا پاڻ ۾ ملن ٿا
اٽڪ: ضلعي ڪيمبلپور جو نئون نالو، جيڪو 1978ع ۾ رکيو ويو. هيءُ پنجاب جي اترئين حصي جو هڪ نهايت اهم هنڌ آهي، جتي سنڌو درياءُ ۽ ڪابل درياءُ ڪُنڊيالي ماڳ وٽ اچي گڏجن ٿا ۽ ٻن رنگن جو ڌار ڌار پاڻي وهندو نظر اچي ٿو.
هتي 1581ع ۾ شهنشاھہ اڪبر هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي. اڳ ۾ سنڌو درياءَ کي هن گهيڙ وٽان پار ڪيو ويندو هو. هتي ٻيڙين جي پل هوندي هئي. هيءُ ماڳ هن وقت بہ تاريخي حيثيت رکي ٿو. هن جڳھہ کي ’دارالهند‘ بہ چوندا هئا، پر پوءِ اٽڪ ئي عام لنگهہ ٿي ويو. جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ’ريدڪ يا رنڊڪ‘ سنڌوءَ جو وهڪرو افغانستان کان ايندڙ لشڪرين آڏو قدرتي ۽ مستقل ’اٽڪ‘ بڻجي ٿو. ان ئي سبب کان هتي مستقل فوجي ڇانوڻي ٺھي جنهن جي چوڌاري هوريان هوريان شھر آباد ٿي ويو. هتي درياءَ تي هڪ نهايت مضبوط لوهي ريلوي پل آهي. هن شھر ۾ ٻاجهريءَ ۽ ڪڻڪ جي زرعي منڊي آهي. هتي هيلي ڪاپٽر ۽ مِراج جهازن جي مرمت وغيرہ جو اڏو پڻ آهي، جيڪو 1978ع ۾ قائم ٿيو هو.
1978.00.00 عيسوي
اٽڪ: ضلعي ڪيمبلپور جو نئون نالو ، جيڪو 1978ع ۾ رکيو ويو .