اپر نورواھہ: تعلقي دادوءَ جو هڪ مشھور واھہ، جيڪو اصل نورواھہ ڦاٽ سان وڃي ملندو هو. هيءُ واھہ ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس ’نورواھہ‘ نالو پيو. هيءُ نورواھہ وهي هلي اصل نورواھہ سان ’نولکيءَ‘ کان ٿورو پوئتي ملندو هو. هن واھہ تي ڳوٺ ’مهرائي‘ نالي سان سڏيو ويندو هو. ٻيو اپر نورواھہ تي ڳوٺ ’پٺڙ‘ هو. اپر نورواھہ تي نار چڙهندا هئا، جن تي جواريون ۽ وونئڻ ٿيندا هئا. هن واھہ تي انگريزن جي دؤر ۾ ’ڍاڪن‘ جا نار بہ چڙهندا هئا، جن تي چيٽ جو فصل ٿيندو هو. 1937ع ڌاري نورواھہ، جتوئي ڪيٽيءَ ۾ آيو. ديھہ ’ڪچورپ‘ تعلقي دادوءَ ۾ ٻئي نورواھہ آهن. هاڻي جتوئين اپر نورواھہ کي لٽائي ڇڏيو آهي. ڪٿي ڪٿي هن قديم واھہ جا آثار ملن ٿا. ڪجهہ عرصو اڳ 1940ع ڌاري پراڻي درياهي واھہ ’امام عليءَ‘ سان دادو ڪئنال مان پاڻي وهائي، اپر نورواھہ جنهن کي ’پراڻو نورواھہ‘ بہ چوندا هئا، پاڻي ڪٺو ڪري، ان تي ڍاڪي چاڙهائي چيٽ جي آبادي ڪرائيندا هئا. هن واھہ ۾ هڪ وڏو ڪُنب هو، جنهن ۾ ٻاروهي تار پاڻي بيهندو هو. ان جو نالو ’فيضڻ جو ڪنب‘ هو، ڇوته هڪ پنهور شڪار ڪندي ان ڪنب ۾ ٻڏو هو، جيڪو زميندار هو، ان ڪري هن ڪنب تي نالو ’فيضڻ جو ڪنب‘ پئجي ويو. پراڻي نورواھہ ۾ ٻيڙيون بہ هلنديون هيون. ڪن جو چوڻ آهي تہ نورواھہ پراڻو، پراڻي ديري بندر کان بہ اڳتي ويندو هو، جيڪو اڳتي ’چوئي واھہ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، حالانڪ چوئي واھہ الڳ ’ٺھڪڻ‘ واري درياھہ مان نڪتل آهي.