اپلاڻ: هيءُ ڳوٺ ضلعي ٺٽي ۾ جاتي تعلقي جي قديم ڳوٺن مان هڪ آهي. ميرن جي دور حڪومت ۾ هيءُ مکيہ ڳوٺ هو. ان دؤر ۾ اپلاڻو هڪ پتڻ جي حيثيت رکندو هو، جتان ٻيڙين رستي حيدرآباد يا ٻين شهرن ڏانهن وڃي سگهبو هو. اهو ڳوٺ اڃا بہ قائم آهي.