اٿي اور الله سان - ڪتاب

اٿي اور الله سان - ڪتاب

اٿي اور ﷲ سان

اٿي اور سان (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جو آهي، جنهن ۾ 94 نثري نظم/ ٽڪرا، دعائن جي روپ ۾ آهن، جن ۾ شاعر، مالڪ سان مخاطب ٿي، ساڻس پنھنجي دلي ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. ’اور سان'>اٿي اور سان‘ جي عنوان هيٺ ڏيڍ سؤ بيت بہ شامل آهن. شيخ اياز جون هي دعائون روزانہ ”برسات“ ڪراچي ۾ شايع ٿيون. ڪتاب جي مهاڳ ۾ اياز پنھنجي دعائن بابت لکي ٿو تہ: ”هي دعائون پوري انسان ذات لاءِ آهن، انهن ۾ نہ بغض آهي، نہ نفرت ۽ نہ ڪنهن فرقي يا قوم سان عداوت جو اظهار آهي، اهي هر ڪنهن لاءِ آهن ۽ انهن کي ڪو بہ خطيبانه پهلو نہ آهي. نظرياتي طور مان تصوف جي وحدت الوجود جو قائل آهيان. عطار، رومي، عمر خيام، سرمد، بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج ۽ پنھنجي ڀٽائيءَ کان متاثر آهيان، جنهن نہ رڳو سنڌ لاءِ سڪار گهريو هو، پر پوري عالم لاءِ دعا گهري هئائين تہ اهو آباد رهي.“ شيخ اياز جون هي دعائون ”نغمه دائود“ ۽ ٽئگور جي گيتا نجلي وارن نظمن جهڙيون آهن. ڪجهہ مثال:

يا رب!

هي ساري ڪائنات تو ۾ آهي ۽ تون انسان جي دل ۾ آهين،

تون مون ۾ آهين، جيئن آئيني ۾ عڪس هوندو آهي.

يا رب!

مون کي پنھنجي آغوش ۾ رک، مون تان دستِ شفقت نہ هٽاءِ ۽ پنھنجي موجودگيءَ جي احساس کان سواءِ ٻيا احساس منهنجي ويجهو اچڻ نہ ڏي!

هن ڪتاب جا چار ڇاپا شايع ٿيا آهن، پهريون ڇاپو جنوري 1998ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور شايع ڪيو هو ۽ هي چوٿون ڇاپو، آڪٽوبر 2009ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران شايع ٿيو آهي. پڪي جلد سان 268 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو