اڀرندو نارو

اڀرندو نارو

اڀرندو نارو

اُڀرندو نارو: هي هڪ تمام پراڻو وهڪرو آهي، جنهن بابت محققن جا مختلف رايا آهن. هڪڙن جو خيال آهي تہ اهو وهڪرو ستلج نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جنهن کي ڪجهہ صديون اڳ ستلج ندي ڇڏي وئي هئي. ڪن جي خيال موجب اها هڪ پراڻي ندي هئي، جيڪا ستلج جي اڀرندي طرف کان هماليہ جبلن مان نڪري سنڌ مان وهندي هئي ۽ عمرڪوٽ کي لتاڙي ڪڇ جي نار ۾ وڃي پوندي هئي. ان وقت هن کي ’گهاگهڙ‘ ندي سڏيندا هئا، پر گهڻي وقت کانپوءِ گهٽجي، ناري واھہ جي صورت اختيار ڪري وئي. 1834ع ۾ جيمس ميڪرڊو لکيو آهي، تہ هي سنڌو نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو بکر کان چاليھہ ميل مٿي سيد گنج بخش جي ڳوٺ وٽ جدا ٿي، الور جي اوڀر کان ڏکڻ طرف وهندو هو ۽ هن مان هڪ شاخ الهندي طرف نڪرندي هئي، جنهن کي ’لوهاڻو درياھہ‘ سڏيندا هئا. جيمس مئڪمرڊو کان ڏھہ سال پوءِ ڪئپٽن بيڪر لکي ٿو تہ هي سنڌو نديءَ جو پُراڻو پيٽ آهي، پر هن کي پاڻي پنجاب جي ٻن ڍورن کان ملندو هو، جن مان هڪڙو سنڌو نديءَ جي آمهون سامهون هو ۽ ٻيو ستلج نديءَ جي سامهون روپار کان بھاولپور جي ويجهو هو. پويون ڍورو سبزل ڪوٽ وٽان وهي، روهڙيءَ جي اوڀر ۾ يارنهن ميلن جي مفاصلي تي ناري جي مُنهن سان اچي ملندو هو. ڪن محققن جي راءِ آهي تہ سڪندر اعظم جي وقت سنڌ مان ٻہ درياھہ وهندا هئا، جن مان اوڀر واري درياھہ کي هاڪڙو يا وهند سڏيندا هئا ۽ اهو ئي هن وهڪري جو پيٽ آهي. ايڇ. ٽي لئمبرڪ تحقيق سان ثابت ڪيو آهي تہ هاڪڙو ۽ نارو انهيءَ هڪڙي ئي وهڪري جا نالا آهن، جيڪو وهڪرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. ان جي پهرئين ۽ آخري حصي کي هاڪڙو ۽ وچ واري حصي کي نارو سڏيندا هئا. ڪجهہ ننڍڙا درياھہ، گهانگهڙ، مرڪنڊا، سرسوتي ۽ چٽانگ پاڻ ۾ ملي هڪڙو وهڪرو ٺاهيندا هئا. انهي وهڪري جو وجود بھاولپور ۽ بيڪانير رياست ۾ بہ ملي ٿو، جنهن کي هاڪڙو سڏيندا هئا. وڃڻوٺ وٽان اهو وهڪرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. هڪڙو حصو اڳ ۾ ڏکڻ طرف، پوءِ اولھہ طرف ۽ آخر ۾ ڏکڻ اولھہ ۽ ڏکڻ طرف هلي روهڙيءَ جي ڏکڻ ۾ ٽڪرين ۾ پهچندو هو، جنهن کي وهندا سڏيندا هئا، ٻيو حصو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھہ طرف وهي وڃي ’وهندا‘ سان ملندو هو، جنهن کي ريڻي سڏيندا هئا. ٻنهي حصن، وهندا ۽ ريڻيءَ جي ميلاپ کانپوءِ هيٺ گڏيل حصي کي نارو سڏيندا هئا، جيڪو ٻہ ميل کن ويڪرو هوندو هو. اهو نارو واريءَ جي دڙن مان سٺ ميل سفر ڪندو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھہ طرف وهندو هو. سٺ ميلن کانپوءِ کليل زمين ۾ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر تي وهندو هو. آخرڪار ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھہ طرف تي هلي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو. هن آخري ٽڪري کي وري بہ هاڪڙو سڏيندا هئا. 1859ع ۾ ليفٽيننٽ فائيف روهڙيءَ کان ٿورو مٿي درياھہ مان وڍ ڏيئي ناري جي پيٽ ۾ پاڻي آندو هو ۽ سکر بئراج ٺھڻ وقت ناري جو نئون منهن بئراج مان ڪڍيو ويو هو.


لفظ اڀرندو ناروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو