اڀيمنيون ڪيولراماڻي ڊاڪٽر

اڀيمنيون ڪيولراماڻي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر اڀيمنيون ڪيولراماڻي پٽ ارجن داس 25 مارچ 1942ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پني عاقل شھر ۾ پنھنجي ڪلينڪ کوليائين. ڊاڪٽر ڪيولراماڻي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي، سندس ڏاڏو ويڙهو مل گهوٽڪيءَ جي هندو پئنچائت جو مکي ۽ ڊي. اي. وي اسڪول جو باني هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ان جو صدر رهيو. سندس والد گهوٽڪيءَ جو وڏو زميندار ۽ ڪرڪيٽ ڪلب جو سرپرست هو. ڊاڪٽر ڪيولراماڻي هڪ ڪامياب ڊاڪٽر سان گڏ ادب دوست ۽ سماجي خدمتن ۾ اڳڀرو هو. ان حوالي سان سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن پني عاقل جو نائب صدر پڻ رهيو، سنڌي ڪتاب ۽ رسالا وڏي شوق سان پڙهندو هو، پنو عاقل جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن جي قيام ۾ سندس عملي ڪوششون شامل هيون. بد قسمتيءَ سان ڪجهہ شرپسند عنصرن کيس اغوا ڪيو ۽ ڪجهہ ڏينهن کانپوءِ يارو لنڊ واري علائقي ۾ جنوري 1993ع ۾ کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ۽ ٻوريءَ ۾ بند سندس لاش واھہ مان هٿ آيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.03.25  عيسوي

ڊاڪٽر اڀيمنيون ڪيولراماڻي پٽ ارجن داس 25 مارچ 1942ع تي گھوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير شاھہ
پنھون فقير ٻرڙو
اظھر علي شاھہ ڊاڪٽر
شازيه عطا مري
قاضي عبدالرسول
سيد ملا مير سبزواري
داس طالب
جانڪي دادي
جڊيجا اجئه
عطاء ﷲ خان مينگل سردار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون