
انساني ڦڦڙ
اُڀَ ساهِي: ساھہ جي گُهٽجڻ جي هڪ بيماري. سهڪو، دمڪشي. هن بيماريءَ واري ماڻهوءَ جا ڦڦڙ ڪمزور هوندا آهن، جنهن ڪري ساھہ کڻي نہ سگهندو آهي ۽ نڪي تڪڙو هلي سگهندو آهي. چاڙهي چڙهڻ بہ هن لاءِ عذاب هوندو آهي. دمڪشيءَ ۾ ڦڦرن ۾ بلغم ڀرجي وڃڻ سبب ساھہ کڻڻ واريون ناليون آڪسيجن نہ کڻنديون آهن، انهيءَ ڪري ساھہ کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي.