اُچ

اُچ

اچ جو نقشو -  گگل ميپس

اچ جو نقشو - گگل ميپس

اچ

اُچ: اچ:هڪ قديم تاريخي ۽ اسلامي اهميت جو شهر، جيڪو بھاولپور کان ڏکڻ_ اولھہ پاسي 38 ميلن جي مفاصلي تي پنجند جي ميلاپ واري هنڌ واقع آهي.
سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي تہ پنجاب جا ڪافي علائقا سنڌ ۾ شامل هوندا هئا، جنهن ۾ ملتان جو علائقو ۽ اُچ بہ شامل هئا.
اُچ جو اصل نالو ’اسڪلندا‘ هو، پر اُن جي زمين جي اوچائي ۽ مٿانهينءَ هئڻ ڪري هن کي ’اُچ‘ چوڻ لڳا. هتي هڪ قلعو ۽ وڏي ايراضيءَ ۾ قبرستان پڻ هو، جنهن ۾ گهڻائي بزرگ دفن ٿيل آهن.
تاريخدانن جي راءِ موجب هيءُ شھر 550 ق. م ۾ آباد ٿيو. سڪندر اعظم هندستان تي حملي وقت هتي ترسيو هو. محمد بن قاسم جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو، ان وقت هيءُ شھر سياسي، معاشي ۽ تهذيبي لحاظ کان بي مثال هو. محمود غزنويءَ جي حملي کان پهرين اُچ شھر سنڌ جو هڪ صوبو هو ۽ هتي هندن جي حڪومت هئي. محمود غزنويءَ جي فتح کان پوءِ هيءُ شھر مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ نيٺ مغل حڪومت جو حصو بڻيو. 370ھہ/980ع ۾ حضرت سيف الدين گاذروني اُچ شھر ۾ آيو ۽ اسلامي تعليم جو هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيائين، جنهن ۾ هڪ ئي وقت اڍائي هزار شاگرد تعليم وٺندا هئا. سلطان شھاب الدين غوري هن اداري جو پهريون سرپرست هو. کانئس پوءِ غوري بادشاهن اُچ شھر کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. غوري حڪومت جي زوال سان اُچ جو بہ زوال آيو. منگولن جي حملن وقت گهڻن عالمن ۽ فاضلن هجرت ڪري اُچ جو رُخ ڪيو ۽ هتي اچي رهيا. جيتوڻيڪ منگولن هن شھر کي ڪيترائي ڀيرا تباھہ ڪيو، پر هن شھر جي اهميت ۾ ڪوبه فرق نہ آيو. همايون جي دور ۾ هيءُ شھر مغلن جي ماتحتيءَ ۾ آيو ۽ اوج تي پهتو، پر اورنگزيب عالمگير کان پوءِ اُچ جي اهميت گهٽجڻ لڳي. رنجيت سنگهہ هن شھر تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيو، البت بھاولپور جي عباسين اُچ شھر کي پنھنجي رياست ۾ شامل ڪيو.
اُچ ولين ۽ درويشن جو شھر آهي. بخارا جو سيد جلال الدين بخاري سُرخ پوش، سندس پٽ سيد احمد ڪبير بخاري ۽ پوٽو مخدوم جھانيان جھان گشت، مخدوم راجو قتال، بي بي جيوندي، حضرت بھاول حليم، حضرت بندگي محمد غوث جهڙن صوفي اڪابرن جا مقبرا بہ هن شھر ۾ آهن. ملتان جي گورنر سلطان لنگوخان جي ڌيءُ جو مقبرو بہ هتي آهي.
اُچ، ملتان پرڳڻي جي وڏن ۽ مشھور شهرن مان آهي. راءِ سهاسيءَ جي راڄ ۾، ستن وڏن شهرن ۾ مضبوط قلعا هوندا هئا، جن مان هڪ اُچ ۾ بہ هو، جيڪو پوءِ ڊهي ويو. هن شھر ۾ ست مشھور ڳوٺ هئا، پر هاڻي انهن مان باقي ٽي وڃي بچيا آهن، جيڪي هي آهن: (1) ڳوٺ اُچ مخدوم جھانيان: هتي مخدوم جھانيان جھان گشت جي درگاھہ آهي ۽ هن جا مريد ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، تنهن ڪري هن تي اهو نالو پيو. (2) ڳوٺ اُچ مغليا: هتي مغلن جي گهڻي آبادي آهي، انهيءَ ڪري هن تي اهو نالو پيو. (3) ڳوٺ اُچ گيلاني: هن ڳوٺ ۾ وري حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي نسل مان پير ۽ مريد رهن ٿا، ان ڪري ’اُچ گيلاني‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
1981ع جي آدم شماريءَ موجب اُچ شھر جي آبادي لڳ ڀڳ پندرهن هزار هئي. هتان جي ويجهي ريلوي اسٽيشن احمدپور شرقيه آهي، جيڪا اُچ کان 12 ميلن جي مفاصلي تي آهي. 8 جولاءِ 1975ع تي هن شھر کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو.
مٿي ذڪر ڪيل درويشن کان سواءِ هتي ڪجهہ ٻين بزرگن جا بہ مقبرا آهن، جن ۾ اُچ جي حاڪم سيد عبدالحميد بن جعفر، مخدوم شيخ عبدالقادر ثاني، (جيڪو وڏو عالم، فاضل ۽ پيران پير جي اولاد مان هو)، شيخ ابراهيم خليل فدا ۽ سندس پٽ گنج بخش شاھہ شامل آهن. هتي اسماعيلي داعي، پير صدرالدين جي فرزند پير حسن ڪبيرالدين عرف حُسن درياءَ جي درگاھہ بہ آهي. چچ نامي جو مترجم علي ڪوفي بہ ڪجهہ وقت اُچ شھر ۾ سڪونت پذير هو.


لفظ اچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0550.00.00  قبلِ مسيح

اچ: تاريخدانن جي راءِ موجب هيءُ شهر 550 ق . م ۾ آباد ٿيو .


0980.00.00  عيسوي

اچ: 370هه/980ع ۾ حضرت سيف الدين گاذروني اُچ شهر ۾ آيو ۽ اسلامي تعليم جو هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيائين ، جنهن ۾ هڪ ئي وقت اڍائي هزار شاگرد تعليم وٺندا هئا .


1975.07.08  عيسوي

اچ، 8 جولاءِ 1975ع تي هن شهر کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو .



شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڦڪا شھر
چترال
کور واهه
چِليا
جُهڏو 2 (شھر)
ڪنري
ڇاڇرو 3
بکر
غوثپور
قنبر
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون