اُچ
اچ جو نقشو - گگل ميپس
اُچ: اچ:هڪ قديم تاريخي ۽ اسلامي اهميت جو شهر، جيڪو بهاولپور کان ڏکڻ_ اولهه پاسي 38 ميلن جي مفاصلي تي پنجند جي ميلاپ واري هنڌ واقع آهي.
سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته پنجاب جا ڪافي علائقا سنڌ ۾ شامل هوندا هئا، جنهن ۾ ملتان جو علائقو ۽ اُچ به شامل هئا.
اُچ جو اصل نالو ’اسڪلندا‘ هو، پر اُن جي زمين جي اوچائي ۽ مٿانهينءَ هئڻ ڪري هن کي ’اُچ‘ چوڻ لڳا. هتي هڪ قلعو ۽ وڏي ايراضيءَ ۾ قبرستان پڻ هو، جنهن ۾ گهڻائي بزرگ دفن ٿيل آهن.
تاريخدانن جي راءِ موجب هيءُ شهر 550 ق. م ۾ آباد ٿيو. سڪندر اعظم هندستان تي حملي وقت هتي ترسيو هو. محمد بن قاسم جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو، ان وقت هيءُ شهر سياسي، معاشي ۽ تهذيبي لحاظ کان بي مثال هو. محمود غزنويءَ جي حملي کان پهرين اُچ شهر سنڌ جو هڪ صوبو هو ۽ هتي هندن جي حڪومت هئي. محمود غزنويءَ جي فتح کان پوءِ هيءُ شهر مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ نيٺ مغل حڪومت جو حصو بڻيو. 370هه/980ع ۾ حضرت سيف الدين گاذروني اُچ شهر ۾ آيو ۽ اسلامي تعليم جو هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيائين، جنهن ۾ هڪ ئي وقت اڍائي هزار شاگرد تعليم وٺندا هئا. سلطان شهاب الدين غوري هن اداري جو پهريون سرپرست هو. کانئس پوءِ غوري بادشاهن اُچ شهر کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. غوري حڪومت جي زوال سان اُچ جو به زوال آيو. منگولن جي حملن وقت گهڻن عالمن ۽ فاضلن هجرت ڪري اُچ جو رُخ ڪيو ۽ هتي اچي رهيا. جيتوڻيڪ منگولن هن شهر کي ڪيترائي ڀيرا تباهه ڪيو، پر هن شهر جي اهميت ۾ ڪوبه فرق نه آيو. همايون جي دور ۾ هيءُ شهر مغلن جي ماتحتيءَ ۾ آيو ۽ اوج تي پهتو، پر اورنگزيب عالمگير کان پوءِ اُچ جي اهميت گهٽجڻ لڳي. رنجيت سنگهه هن شهر تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيو، البت بهاولپور جي عباسين اُچ شهر کي پنهنجي رياست ۾ شامل ڪيو.
اُچ ولين ۽ درويشن جو شهر آهي. بخارا جو سيد جلال الدين بخاري سُرخ پوش، سندس پٽ سيد احمد ڪبير بخاري ۽ پوٽو مخدوم جهانيان جهان گشت، مخدوم راجو قتال، بي بي جيوندي، حضرت بهاول حليم، حضرت بندگي محمد غوث جهڙن صوفي اڪابرن جا مقبرا به هن شهر ۾ آهن. ملتان جي گورنر سلطان لنگوخان جي ڌيءُ جو مقبرو به هتي آهي.
اُچ، ملتان پرڳڻي جي وڏن ۽ مشهور شهرن مان آهي. راءِ سهاسيءَ جي راڄ ۾، ستن وڏن شهرن ۾ مضبوط قلعا هوندا هئا، جن مان هڪ اُچ ۾ به هو، جيڪو پوءِ ڊهي ويو. هن شهر ۾ ست مشهور ڳوٺ هئا، پر هاڻي انهن مان باقي ٽي وڃي بچيا آهن، جيڪي هي آهن: (1) ڳوٺ اُچ مخدوم جهانيان: هتي مخدوم جهانيان جهان گشت جي درگاهه آهي ۽ هن جا مريد ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، تنهن ڪري هن تي اهو نالو پيو. (2) ڳوٺ اُچ مغليا: هتي مغلن جي گهڻي آبادي آهي، انهيءَ ڪري هن تي اهو نالو پيو. (3) ڳوٺ اُچ گيلاني: هن ڳوٺ ۾ وري حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي نسل مان پير ۽ مريد رهن ٿا، ان ڪري ’اُچ گيلاني‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
1981ع جي آدم شماريءَ موجب اُچ شهر جي آبادي لڳ ڀڳ پندرهن هزار هئي. هتان جي ويجهي ريلوي اسٽيشن احمدپور شرقيه آهي، جيڪا اُچ کان 12 ميلن جي مفاصلي تي آهي. 8 جولاءِ 1975ع تي هن شهر کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو.
مٿي ذڪر ڪيل درويشن کان سواءِ هتي ڪجهه ٻين بزرگن جا به مقبرا آهن، جن ۾ اُچ جي حاڪم سيد عبدالحميد بن جعفر، مخدوم شيخ عبدالقادر ثاني، (جيڪو وڏو عالم، فاضل ۽ پيران پير جي اولاد مان هو)، شيخ ابراهيم خليل فدا ۽ سندس پٽ گنج بخش شاهه شامل آهن. هتي اسماعيلي داعي، پير صدرالدين جي فرزند پير حسن ڪبيرالدين عرف حُسن درياءَ جي درگاهه به آهي. چچ نامي جو مترجم علي ڪوفي به ڪجهه وقت اُچ شهر ۾ سڪونت پذير هو.
0550.00.00 قبلِ مسيح
اچ: تاريخدانن جي راءِ موجب هيءُ شهر 550 ق . م ۾ آباد ٿيو .
0980.00.00 عيسوي
اچ: 370هه/980ع ۾ حضرت سيف الدين گاذروني اُچ شهر ۾ آيو ۽ اسلامي تعليم جو هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيائين ، جنهن ۾ هڪ ئي وقت اڍائي هزار شاگرد تعليم وٺندا هئا .
1975.07.08 عيسوي
اچ، 8 جولاءِ 1975ع تي هن شهر کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو .