اڇو جيرو

اڇو جيرو

اڇو جيرو

اَڇو جِيرو: جِيري جو هڪ قسم، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم اچي. ان کي اردوءَ ۾ ’ذيره‘ چون. هيءُ هڪ خوشبودار ميرانجهڙي رنگ جو ٻج آهي، جنهن لاءِ حڪيمن جو چوڻ آهي تہ ان کي گهوٽي پياربو تہ پيشاب جاري ڪندو. اُڃ ۽ رت جي جوشِ کي گهٽائيندو آهي. ۽ ٻين بہ ڪن بيمارين ۾ ڪم آڻبو آهي. هيءُ عام رڌڻي ۾ مصالحي طور پڻ استعمال ٿيندو آهي.


لفظ اڇو جيروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو