اُُُُُُُڌي سنگهہ جهونجهار: ڪارونجهر ۾ انگريزن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هي ڪردار روپلي ڪولهيءُ سان گڏ وڙهيو هو. روپلو اڪيلو جهونجهار نہ هو، جنهن انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو. روپلي کان سواءِ انگريزن سان ساڪريءَ جو ورڻ ذات جو مهاسنگهہ ٺاڪر ، کارسر جو راجو چوهاڻ ٺاڪر ، ويرا واھہ جو ٺَڪر اُڌي سنگهہ ۽ ڪلياڻ سنگهہ بہ وڙهيو. لاڌوجي، ڪاپڙي خان، راڻو ڪرم سنگهہ جيل ۾ پيا، جن کي اُدي سنگهہ جيل ڀڃي ڪڍيو.
ان واقعي مھل تروٽ نگر پارڪر ۾ لاڌو سنگهہ مينگهواڙ جي گهر ۾ لڪي ويو هو، سندس فوج ان مھل واڌڙائيءَ ۾ هئي. پوءِ تروٽ هتان رات جو ڀڄي ويو ۽ واڌڙائيءَ مان وڃي فوج آندائين.
اُڌي سنگهہ ان وقت تائين وڙهندو رهيو، جيستائين مارجي نہ ويو، ان کانپوءِ تروٽ ننگر پارڪر تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. وڏو سوڀ ڪولهي مارجي ويو، ليمبو بہ مارجي ويو، ٻيا ڪيئي مارجي ويا پر سڀ کان بهادريءَ سان روپو وڙهيو، جيڪو انگريزن جي پهري هوندي بہ قلعو ٽپي، تھہ خاني مان بارود ڪڍڻ آيو ۽ جهلجي پوڻ کان پوءِ سچي نہ ڪيائين. روپلي ۽ سندس ساٿين کي جهونجهار (سورهيه سپوت) ڪري چيو وڃي ٿو. ”جهونجهار“ ٿر ۾ اهڙي سورهيه کي چئبو آهي، جيڪومرڻ کان پوءِ بہ ويڙھہ جاري رکي.