اڏوهيءَ جي ڇن

اُڏوهيءَ جي ڇَنَ: ضلعي بدين جي سامونڊي ڪناري تي، ڪوٺاري کان اولھہ طرف ”اڏوهيءَ جي ڇن“ شروع ٿئي ٿي. انهيءَ نالي هوندي بہ هيءَ سرزمين اڄ بہ سرسبز ۽ کير وانگر اُجري آهي. ٻٻر ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ منجهس گهڻا آهن. انهيءَ ڇن ۾ هرڻ، سھو ۽ تتر ٿئي. سياري جي شروعات ۾ هت تلور بہ ٿيندي آهي.
هِت گلوريون تمام گهڻيون رهن ٿيون. هيءُ علائقو ”ڳورپٽ“ جانور جي جُوءِ آهي. هن ڇَن ۾ ٻہ جاڙيون قبرون پڪين سرن سان ٻڌل آهي. هن علائقي ۾ پاڻيءَ جي وڏي تڪليف آهي. رڻ ۾ ڪجهہ وقت پاڻي رهي ٿو تہ پنهنجو ذائقو بدلائي ڪڙو ٿيو پوي. رڻ جي هوا ۾ هڪ قسم جي بوءِ ٿيندي آهي، جيڪا نئين ماڻهوءَ کي ڏاڍو پريشان ڪندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو