اڏيرو لال 2:هن نالي سان ضلعي حيدرآباد جي تعلقي مٽيارين ۾ جدا جدا نالن سان هڪ ديھہ، هڪ ڳوٺ ۽ هڪ ريلوي اسٽيشن واريون آباديون آهن. ”اڏيرو لال“ ديھہ ۾ اڏيرو لال، کِدريون، بُهريون، مويجا، آخوند عبداللطيف ۽ پَنهون خاصخيليءَ جا ڳوٺ آباد آهن. ڳوٺ اڏيرو لال اسٽيشن، تعلقي مٽياريءَ جي ديھہ ”کڏيءَ“ ۾ آباد آهي.