اڙل منڇر واھہ

اڙل منڇر واھہ: هن واھہ جي گنجائش 4370 ڪيوسڪ آهي. اڙل دراصل منڇر ۽ سنڌوءَ کي ڳنڍيندڙ گاٽ آهي. هن جي وهڪري جو دارومدار سنڌوءَ ۽ منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح تي آهي. جڏهن درياھہ ۾ 80 هزار ڪيوسڪ وهڪرو هوندوآهي تہ ايترو پاڻي اچي ويندو آهي، جو درياھہ مان اڙل وسيلي پاڻي منڇر ۾ ايندو آهي، پر جيڪڏهن منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وڃي تہ منڇر مان اڙل وسيلي پاڻي درياھہ ۾ بہ اماڻي سگهبو آهي. اڙل ندي، سنڌوءَ ۽ منڇر جيتري قديم آهي. لٽجي ويل اڙل کي 1959ع ۾ جي . ايم. ڪيزل (J.M.Casel) ٻيهر واھہ جي صورت ۾ کوٽايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو