اڙل واھہ: سنڌ جو قديم قدرتي واھہ، جيڪو سيوهڻ جي ڀر ۾ منڇر ڍنڍ جي ڏکڻ - اوڀر ڪنڊ تي آهي. هن کي ’اڙل نديءَ‘ جي نالي سان بہ سڏيو ويندو آهي. حقيقت ۾ اهو سنڌو درياھہ ۽ منڇر ڍنڍ جو ڳنڍيندڙ واھہ آهي. آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ جڏهن سنڌو درياھہ ۾ چاڙھہ هوندو آهي، تڏهن هيءُ واھہ واڌو پاڻي منڇر ڍنڍ کي مهيا ڪندو آهي ۽ وري جڏهن منڇر ڀرجي ويندي آهي ۽ درياھہ ۾ بہ لاٿ هوندي آهي، تڏهن هيءُ واھہ، منڇر جو پاڻي درياھہ ڏانهن کڻي ويندو آهي ۽ ڇنڊڻ طور استعمال ٿيندو آهي. مغربي محققن ۽ سياحن انهيءَ تي حيرت ظاهر ڪندي لکيو آهي تہ اهو عجب اسرار آهي، جو هڪ واھہ يا نديءَ کي ابتو وهڻو پوي ٿو. اڙل واھہ جي ڊيگهہ ذري گهٽ 30 ميل آهي. هن وقت اهو منڇر مان نڪري سيوهڻ شھر وٽ سنڌو درياھہ ۾ داخل ٿئي ٿو. اڙل واھہ اوترو ئي قديم آهي، جيترو سنڌو درياھہ ۽ منڇر ڍنڍ قديم آهن. قديم دؤر ۾ هن کي ’اڙل ندي‘ چوندا هئا. هي آڳاٽي دؤر کان ئي سنڌوءَ ۽ منڇر وچ ۾ رابطي جو ذريعو رهيو آهي. 1959ع ۾ آمريءَ جي دڙي جي کوٽائيءَ مان انهيءَ قديم نديءَ جي وهڪري جا نشان مليا آهن، جيڪا آڳاٽي وقت منڇر مان نڪرڻ بعد سيوهڻ واري قلعي جي اتر ۽ اوڀر کان ڦري، ڏکڻ طرف لڪيءَ وٽان ڦٽل وهڪرن مان ٿيندي، اڳتي اوڀر طرف وڌي وڃي سن شھر جي مٿئين پاسي کان سنڌو درياھہ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. چاڙھہ واريءَ موسم ۾ اڙل واھہ، سنڌو درياءَ مان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي منڇر کي مهيا ڪندو هو. سکر بئراج ٺھڻ کانپوءِ اڙل وٽ هڪ ٻيو هٿراڌو واھہ کوٽائي ان تي ريگيوليٽر هنيو ويو آهي، تہ جيئن منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ضابطي ۾ رکجي.
1959.00.00 عيسوي
1959ع ۾ آمريءَ جي دڙي جي کوٽائيءَ مان انهيءَ قديم نديءَ جي وهڪري جا نشان مليا آهن، جيڪا آڳاٽي وقت منڇر مان نڪرڻ بعد سيوهڻ واري قلعي جي اتر ۽ اوڀر کان ڦري، ڏکڻ طرف لڪيءَ وٽان ڦٽل وهڪرن مان ٿيندي، اڳتي اوڀر طرف وڌي وڃي سن شهر جي مٿئين پاسي کان سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.