اڙي

اَڙِي: ملھہ جو هڪ داءُ آهي، جنهن ۾ هلڪي داءُ سان ٻئي ملھہ کي رنڊائبو آهي، انهيءَ ارادي سان تہ وجهہ لڳڻ تي پنهنجو داءُ ڪري سرخرو ٿجي. وهٽ کي تيز هلائڻ لاءِ کُڙيءَ جي مهميز يا چوڪ کي بہ اَڙي سڏبو آهي. هَلڪي اَڙ، رَنڊ، روڪ بہ اڙيءَ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندي آهي.


لفظ اڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو