ساهت سڀا

ساهت سڀا

اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا

اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا: ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ، جيڪي نوجوان سنڌي اديب ۽ شاعر، حالتن جو شڪار ٿي، هند وڃي آباد ٿيا، تہ کين سنڌي ٻولي ۽ ادب کي اتي قائم ۽ سلامت رکڻ جو خيال ٿيو. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان چاھہ رکندڙ نوجوان اديبن، ڪلاڪارن/ فنڪارن ۽ سنڌيت جي حامين 1957ع ڌاري پاڻ ۾ گڏ ٿي، ڪل هند سطح جي هڪ ادبي تنظيم ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ قائم ڪئي، جنهن سنڌي اديبن ۽ فنڪارن، عالمن، تعليمدانن ۽ دانشورن کي هڪ گڏيل پليٽ فارم مهيا ڪيو.
هيءَ سڀا گذريل 52 سالن 2009-1957ع کان سنڌي ٻولي، ادب، ڪلا (فن) ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ لڳاتار پاڻ پتوڙيندي پئي اچي. هندستاني آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عربي لَپي (سنڌي لَپي) قائم رکڻ لاءِ سڀا پاران دهليءَ ۾ پارليامينٽ جي سامهون ٻاونجاھہ اديبن (الف. ب جي پٽيءَ جي 52 اکرن جي علامتي روپ ۾) بک هڙتال ڪئي، چيٽي چنڊ کي سڄي هندستان ۾ وسندڙ سنڌين جي اتحاد جو ڏينهن چيٽي چنڊ ”سنڌيت جو ڏينهن“ ڪري ملهائڻ جي ابتدا بہ هن سڀائي ڪئي. ان کان سواءِ سڀا پاران وقت بہ وقت ڀارت جي جدا جدا شهرن ۾ ”ڪل ڀارت سنڌي ليکڪ سيمينار ۽ مشاعرا“ ڪوٺايا ويندا آهن. ان سان گڏ ناٽڪن، سنڌي موسيقيءَ، سنڌي لوڪ ناچ وغيرہ جا پروگرام ۽ ميلا پڻ لڳايا ويندا آهن.
سنڌي ادب، ڪلا، سنگيت، ناچ، ناٽڪ، اخبار نويسي، تعليم، سنڌيت، مصوري/ چترڪاري، سنڌي ٻولي بچائڻ ۽ پڙهائڻ جي ميدان ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي سڀا پاران هر سال همت افزائيءَ ۽ مڃتا طور هڪ پنجاھہ هزار رپين جو، اٺ پنجويھہ، پنجويھہ هزار رپين جا ۽ چار، يارهن يارهن هزارن جا انعام ڏنا ويندا آهن. سڀا طرفان موهن جي دڙي جي تھذيب کان وٺي، لڏپلاڻ سميت، موجودہ دور جي سنڌي برادريءَ کان وٺي، لڏ پلاڻ سميت، موجودہ دور جي سنڌي برادريءَ جي ساک ۽ بلندي ڏيکاريندڙ هڪ ”سنگيت ناٽڪ نرتيه بئلي“، ”سنڌو ڌارا“ نالي تيار ڪرائي ويئي آهي، جنهن پراجيڪٽ تي سڀا ڏيڍ ڪروڙ رپيا مشھور سنڌي ڊانسرر / نرتڪي نيلا سندر کي مالي مدد طور ڏنا، جنهن وقت تائين 18 شهرن ۾ اهو بئلي پيش ڪيو آهي. 2009ع کان ”سنڌي ڀڳت“ کي همٿائڻ لاءِ 25000 رپين جو انعام محترم مور جمل منگهناڻيءَ دبئيءَ واري ڏنو آهي.
اکل ڀارت سنڌي سڀا جو 18 سالن تائين ڪيرت ٻاٻاڻي صدر رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ ان جي صورت ۾ سيڪريٽرين ۽ اهم ميمبرن ۾ اي. جي. اتم، گوبند مالهي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، موهن ڪلپنا، پوپٽي هير اننداڻي، ٽيڪچند مست، واسديو نرمل، موهن گيهاڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا نالي وارا اديب رهي چڪا آهن.
مارچ 2009ع ۾ جئسلمير ۾ ٿيل ’ليکڪ ڪنوينشن‘ ۾ سندر اگناڻيءَ کي ايندڙ ٽن سالن لاءِ يڪراءِ سڀا جو صدر چونڊيو ويو آهي. سڀا جي موڙ ۾ هڪ ٻيو سونهن ڀريو کنڀ اهو بہ لڳو آهي تہ سڀا جي صدر سندر اگناڻيءَ کي سنڌي تشخص، ثقافت ۽ سنڌي حقن جي هلچل ۾ بھترين ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس ”جي. ايم. سيد ميموريل اوارڊ 2008ع“ ڏنو ويو آهي، جيڪو اوارڊ هن کان اڳ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي پڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان ڏنو ويو هو.
هن سڀا 1982ع کان اڄ تائين ڪيترن اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي اوارڊ ۽ روڪ انعام ڏنا آهن، انعام حاصل ڪندڙن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، موهن ڪلپنا، ڪيرت ٻاٻاڻي، اندر ڀوڄواڻي، سندري اتمچنداڻي، موتي پرڪاش، گورڌن ڀارتي، ايشور چندر، هري همٿاڻي، تارا مير چنداڻي، ڪلاپرڪاش، ارجن سڪايل، نارائڻ ڀارتي، واسديو نرمل، ڀرم ابچنداڻي، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، ڀڳوان چاولا، انيلا سندر، مدن جماڻي، ڪملا ڪيسواڻي، مهيش چندر، اُمالالا، اي.جي.اتم، ڊاڪٽر پر سوگدواڻي ۽ رام بخشاڻي، جهمون ڇڳاڻي، هيرو ٺڪر، ومي سدار رنگاڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هي اوارڊ ادب، ثقافت، سنڌيت، فن، تعليم، چترڪاري، ناچ، ڀڳت وغيرہ جي ميدانن ۾ ڏنا ويندا آهن.
تازو ڪجهہ سالن کان سنڌ جي اديبن ۽ فنڪارن کي بہ اوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ محمد ابراهيم جويي، امر جليل، عطيہ دائود، ولي رام ولڀ، شفيع فقير ۽ برڪت ڀٽ (فنڪار) کي اوارڊ ڏنا ويا آهن.


لفظ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو