اکيو

اکيو: شاديءَ جي هڪ رسم ۾ اکين تي ٻڌڻ جو هڪ خوبصورت نقاب. شاديءَ کان اڳ ڪنوار ونواھہ، وناھہ يا وَنَھہَ ۾ ويهندي آهي. ڏينهن جو تعداد ڪن هنڌن تي ست مقرر آهي، ڪن هنڌن پنج ۽ مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪنوار ٽي يا چار ڏينهن بہ ونواھہ ۾ ويهندي آهي.
ونواھہ ۾ ويٺل ڪنوار کي ٻي ٽڪساٺ سان گڏ منهن تي اکيو ٻڌڻ ضروري هوندو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو آهي تہ شاديءَ کان اڳ ڪو بہ مرد ماڻهو توڙي ڌاري عورت اکيو ٻڌل ڪنوار جو منهن نہ ڏسي سگهي.
اکيو ڳاڙهي حلواڻ جي ڪپڙي مان ٺهندو آهي. ڪن هنڌن اکيو سادي ڳاڙهي ڪپڙي جي ٽڪر مان ٺهي، تہ ڪن هنڌن اکيو زريءَ سان ڀرت ڀريل ٺاهين. لاڙ ۾ ان کي ’وناھہ‘ بہ چون ٿا.


لفظ اکيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو