اَڪَ جو ٻوٽو

اَڪَ جو ٻوٽو

اڪ

اَڪُ: هي پاڻمرادو ڦٽندڙ ٻوٽو آهي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندو آهي، جنھن جا پن پان وانگر ويڪرا ٿيندا آهن. غيرآباد زمين ۾ اڪ جو ٻوٽو ڪثرت سان ڦٽي ٿو. اڪ جون ڪاٺيون ٻارڻ جو ڪم ڏينديون آهن. اڪ جي ٻوٽي جو ڦر، جنھن کي ’اڪ جو انب‘ به چوندا آهن، جنھن مان ٻج نڪرندو آهي، جيڪو اڇي رنگ جي چمڪندڙ ڦلڙين سان ويڙهيل هوندو آهي. اهو ٻج ايترو هلڪو ۽ نرم هوندو آهي جو هوا ۾ هيڏانھن هوڏانھن پيو اڏامندو آهي، ان کي ’اڪ ٽٽڙو‘ به سڏيندا آهن. اُن جون اُهي ڦلڙيون وهاڻن ۾ ڪپھه طور ڪم آڻيندا آهن. خاص ڪري هيءُ ٻوٽو ٿر ۾ بيحد ڪارائتو آهي. هيءُ نرم زمين ۾ جام اُڀري ٿو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو. هن جي پنن کي ٿري ٻوليءَ ۾ ’پُڙا‘ چون ٿا. اڪ جي گلن کي ٿري ۾ ”ڦليا“ سڏين ٿا ۽ باقي سنڌ ۾ ”ڦلڙيون“ چئبو آهي. شيخ اياز جي هڪ شعري مجموعي جو نالو ”اڪن نيرا ڦليا“ آهي. اڪ سڄي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ عام جام ٿئي ٿو. هيءُ ٻوٽو مئي ۽ جون مھيني ۾ به سائو هوندو آهي. ان جو پن يا ٽاري ٽوڙڻ سان اڇو کير وهندو آهي. اهو کير، ان جا پن، گل ۽ پاڙ دوا طور ڪتب ايندا آهن. هن ٻوٽي کي ساڙي ان جي رک مان يوناني دوائون ٺاهيون وينديون آهن. عام عقيدو آهي ته پراڻو ڏڍ، هڪ ئي ڀيرو اڪ جو کير ملڻ سان ٺيڪ ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿئي ته ڪجهه ڏينھن ڇڏي ٻيو ڀيرو به مکجي. سنڌ ۾ اڪ جي کير مان ناس به ٺاهي ويندي آهي، جيڪا مٿي جي سور ۽ بند زڪام لاءِ ڪم ايندي آهي. حڪيم هن ٻوٽي کي ڪيترين ئي بيمارين جي دوائن تيار ڪرڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن. اڪ جو تيل: حڪيم اڪ جي پنن کي تِرن جي تيل ۾ ساڙي، پوءِ ان تيل کي صاف ڪري سنڌن جي سور، چيلهه جي سور ۽ عرق النساءِ جي سور لاءِ رکندا آهن ۽ فائديمند سمجهيو وڃي ٿو. مال وارا ماڻهو پنھنجن وٿاڻن ۾ اَڪ جو دونھون ڪندا آهن، جنھن سان سندن خيال ۾ مال کي ٿڌ يا ڪاري واءَ جھڙيون بيماريون نه ٿينديون آهن. اڪ جون ڦلڙيون نانگ جي چڪ يا ڪنھن به زهريلي جيت يا ٻئي ڏنگ جو علاج به سمجهيون وڃن ٿيون. ڌڪ لڳي ته اڪ جا پن باهه تي گرم ڪري ٻڌبا ته سور گهڻي قدر هٽي ويندو. اڪ جي ڪاٺيءَ جو رنگ اڇو ديال جي ڪاٺيءَ جھڙو ٿيندو آهي، جنھن مان ايسون، مهي ولوڙڻ جا مڪڙا، ۽ جاءِ جون پٽيون تمام سٺيون ٺھن ٿيون. سواءِ اُٺ جي ٻيو هر مال اڪ جا پن چاهه سان چرندو آهي. ٻڪريءَ جي اڳيان سائو گاهه رکجي، پر جي اڪ بيٺل هوندو ته ٻڪري اهو گاهه ڇڏي وڃي اڪ چرندي. ٿر جا مارو ماڻهو اڪ جي ڪاٺيءَ مان تند يعني آڪارو ڪڍي، اُن مان واڻ، مھارون ۽ رسا ٺاهيندا آهن، جيڪي ڪپھه کان سؤ ڀيرا وڌيڪ مضبوط ٿيندا آهن. اڪ مان ٻيا به انيڪ فائدا آهن: اڪ جو رس چمڙي رڱڻ جي به ڪم اچي ٿو. ڦلاريل ڦٽڪي اڪ جي کير ۾ ڪٽي هلڪي باهه ٻاري گرم ڪجي ته ڦٽڪي ڦلو ٿي ويندي، جنھن کي ڪٽي ڪپڙي سان ڇاڻي روزانو ڏندڻ ڪندا آهن. ڪنھن سنڌ يا هڏي ۾ سور هجي ته اڪ جي کير ۾ ڪپھه پُسائي پھو ڪري رکندا آهن ۽ اهو عمل 2 کان ٽن ڏينھن تائين لاڳيتو ڪرڻ سان سور ڇڏي ويندو اٿن. اڇي ڪاغذ تي اڪ جي کير سان اکر لکي، سڪائي پوءِ ٽانڊن تي ان پني کي ٿورو گرم ڪرڻ سان، اکر صاف ڏسڻ ۾ ايندا. مال کي داغ يا نشان ڪرڻو هجي ته اڪ جي کير سان داغ ٺاهي، ٻه ٽي ڏينھن اُن تي اڪ جو کير لاڳيتو هڻڻ سان اهو تمام چٽو ٿي ويندو. هن ٻوٽي جي ڪاٺي جيتوڻيڪ سخت يا مضبوط ناهي، پر تڏهن به ڪمائتي آهي. اها ٻارڻ کان سواءِ ڇَنَن اڏڻ ۾ لڙهن طور پڻ ڪتب اچي ٿي. اَڪُ ٻڪرين جو خاص کاڌو آهي، جنھن کي کائڻ سان ٻڪريءَ ۾ کير وڌندو آهي. اڪ جون ڪاٺيون سُڪائي، انهن مان آڪارو ڪڍيو ويندو آهي. آڪاري مان ٺھيل کانڀاڻيون مضبوط ٿينديون آهن. مشھور راڳي موهن ڀڳت جو يڪتارو هڪ جهوني اڪ جي پاڙ مان ٺھيل هو. قديم دور ۾ سنڌ اندر اڪ جي تاندورن مان ڪپڙو پڻ ٺھندو هو، جنھن کي پڻ آڪارو سڏبو هو.


لفظ اڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو