اڪال ڳڙھہ (Akal Garh ):سنڌو تھذيب جي پوئين دور سان واسطو رکندڙ هيءُ ماڳ 29° 07\' 17\" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76° 27\' 32.4\" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، هندستان جي صوبي هريانه جي ضلعي جند ۾ جولانا شھر کان اٽڪل 6 ڪلوميٽر ۽ جند شھر کان 29 ڪلوميٽر پري کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهي. ڳوٺ کان 200 ميٽر اتر طرف هي دڙو ٻن هيڪٽرن (4.94 ايڪڙن) تي پکڙيل آهي. هيءُ دڙو بيضوي شڪل جو، گهڻي ڀاڱي پوکيءَ هيٺ اچي چڪو آهي. صرف 1.67 هيڪٽرن (4.13 ايڪڙن) تي باقيات موجود آهي. هتان سنڌو تھذيب جي پوئين دؤر جو ٺڪراٺو، مڻيا، سپن مان ٺهيل چوڙين جا ٽڪر مليا آهن. هيءُ دڙو 0.5 ميٽر اوچو آهي.