اڪبر ايس مڱريو

اڪبر ايس مڱريو

اڪبر ايس مڱريو

اڪبر ايس مڱريو: محقق، ڪھاڻيڪار، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن اڪبر ايس مڱريي جو پورو نالو اڪبر علي ولد حسين فقير مڱريو آھي. ھن 5 آڪٽوبر 1968ع تي ھنڱورني، تعلقي سنڌڙي، ضلعي ميرپور خاص ۾ جنم ورتو. سندس تعليم بي.اي ۽ بي.ايڊ آهي. ھن ھاءِ اسڪول ۾ پڙھڻ دوران ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. اڳتي ھلي عبرت اخبار، عبرت مئگزين، ’سنڌو‘ ترقي پسند ادب‘، ’نئون نياپو‘، ’ينگ جنريشن‘، ’پريت‘، ’چاھت‘، سوال‘ اخبار، ’تعمير سنڌ‘، ’خادم وطن‘ ’مھراڻ‘، ’سنڌ نيوز‘، ’آفتاب‘، ’ھلچل‘، ’آرسي مئگزين‘، ’سنڌ ايڪسپريس‘، ’خلق‘، ’برسات مئگزين‘،’سوڀ مئگزين‘، عوامي آواز، ڪاوش مڊويڪ‘۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ’افسانا، ڪھاڻيون، مضمون، فيچر اسٽوريون، سروي رپورٽون، تحقيقي مضمون، ’ڪالم ڪھاڻي‘ ۽ ’تنھنجون منھنجون ڳالھيون‘ جي عنوان سان ھفتيوار ڪالم لکندو رھيو، 1989ع کان سنڌ نيوز اخبار، ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي شروعات ڪئي. ان کانپوءِ ’عبرت‘، ’خلق‘، ’سوال‘، ’سنڌو‘ اخبار، ’عبرت مئگزين‘ ۽ ’مھراڻ‘ اخبار ۾ ڪم ڪيو. 2003ع ۾ ھنڱورني مان ماھوار ’خواب‘ رسالو ۽ 2006ع ۾ سلسليوار ’عالم‘ مئگزين جاري ڪيو، 1995ع کان ’سنڌي ادبي سنگت‘، شاخ ھنڱورني سان لاڳاپيل آھي. جنھن جو ھن وقت ستون ڀيرو سيڪريٽري پڻ آھي. ھن 2004ع ۾ ’گرھوڙي ادبي فورم‘ قائم ڪيو. 2005ع ۾ ھنڱورني شھر ۾ سگا شاخ پڻ قائم ڪرائي. مختلف ادبي ۽ سماجي فورمن تان تعليمي بھتري، مفت علاج، ٻوڏ متاثرن جي بحالي، محتاج ماڻھن جي سھائتا ۽ ادب کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جاکوڙيندو رھيو آھي. کيس مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ’ڏوري ڏٺوسين ڏکن ھاڻو ٿر‘ سفرنامي تي ’سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۽ ’ھالار‘ رسالي پاران ايوارڊ ڏنا ويا. سندس 2 ڪتاب: ’سنڌڙي جا سرجڻھار‘ (2013ع) ۽ سنڌ جي مختلف ماڳن مڪانن جي سفر نامن تي مشتمل ڪتاب ’ووڙيم جي وٿاڻ‘ (2024ع) ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.10.05  عيسوي

محقق، ڪھاڻيڪار، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن اڪبر ايس مڱريي جو پورو نالو اڪبر علي ولد حسين فقير مڱريو آھي. ھن 5 آڪٽوبر 1968ع تي ھنڱورني، تعلقي سنڌڙي، ضلعي ميرپور خاص ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺٽوي سيد احمد
جارج-5
سيٺ طيب علي علوي
اهروي عبدالمجيد ماجد
تنيو نذير احمد
شالمين شيدي
اسراني
راجا نند
رميش مهتا
جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون