اڪبر بادشاهه
اڪبر بادشاهه: شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر ، مغل سلطنت جو نيڪ نام بادشاهه ، عمرڪوٽ سنڌ ۾ 15 آڪٽوبر 1542ع تي ڄائو هو . 1556ع ۾ والد جي وفات وقت هي پنهنجي استاد بيرم خان سان گڏ ڪلانور ( ضلعي گورداسپور ) ۾ هو ، اتي ئي هن جي تخت نشينيءَ جون رسمون ادا ڪيون ويون . جلد ئي هن پاڻيپٽ جي ميدان ۾ ، هيمو بقال سان لڙائي ڪئي ، جنهن ۾ فتح حاصل ڪيائين ۽ ان سان سندس سلطنت کي ايندڙ لوڏا ، ڪجهه جَهڪا ٿيا .
مغليه سلطنت جو بنياد بابر بادشاهه 1526ع ۾ وڌو ، ۽ چئن سالن کان پوءِ هو وفات ڪري ويو . همايون 1530ع ۾ تخت تي ويٺو ، پر 1540ع ۾ شيرشاهه سوريءَ کان شڪست کاڌائين . شيرشاهه سوريءَ جي مرڻ کان پوءِ همايون ، جڏهن وري تخت حاصل ڪيو ته هو به جلد ئي حادثي جو شڪار ٿي مري ويو .
جيستائين اڪبر 18 سالن جو نه ٿيو هو ، تيستائين بيرم خان ئي سلطنت جو مختيار هو ، ۽ پوءِ جڏهن اڪبر واڳون سنڀاليون ته فتحن جو ، هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو . راجپوتانا جي راجائن جي اڪثريت ازخود ئي فرمانبردار ٿي وئي ، ميواڙ جي راجا مقابلو ڪيو ، پر شڪست کاڌائين . راجا اُڌي سنگهه ۽ سندس جاءِ نشين پرتاب به مقابلي کان پوءِ ماتحت ٿي ويا . مالوا ، گجرات ، خانديش ، احمد آباد ، گونڊوانا ، بنگال ، اُڙيا ، ڪشمير ، سنڌ ، مطلب ته ڏکڻ ايشيا جي هڪ حصي کان سواءِ ، ڪابل کان احمد نگر تائين ، ۽ سنڌ کان بنگال تائين سمورو ملڪ مغلن جي اثر هيٺ اچي ويو .
اڪبر بادشاهه ملڪي ۽ فوجي انتظامن جي اصلاح ڪئي . زمينن جي معاملي ۾ ، شيرشاهه جي نظام کي بهتر بنايائين . هن سلطنت جي انتظامي عهديدارن جا 33 درجا بنايا ، جن ۾ سڀني کان ننڍو درجو ، ڏهن سپاهين جي آفيسر جو هو ۽ وڏو درجو ڏهن هزارن تائين هو ، پر اڪبر پنجن هزارن کان وڌيڪ درجي وارو عهدو ، شهزادن کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به نه ڏنو . سڀني کي روڪ پگهار ڏنو ويندو هو . هن ازبڪن ۽ پنهنجي ڀاءُ مرزا حڪيم جي بغاوتن کي به ڪچليو .
اڪبر ، سموريءَ سلطنت کي 18 صوبن ۾ ورهايو ، ۽ هر صوبي ۾ هڪجهڙو نظام چالو ڪيو . سندس دؤر ۾ علم ۽ فن جي تمام گهڻي ترقي ٿي . فيضي ، ابوالفضل ، تان سين ، تلسي داس وغيره اڪبري درٻار سان لاڳاپيل رهيا ، جيڪي سندس ” نون رتنن “ مان هئا . هن جي دؤر ۾ ’اڪبر نامه ‘ ، ’آئين اڪبري ‘ ، ’طبقات اڪبري ‘ ۽ ’منتخب التواريخ ‘ وغيره جهڙا ڪتاب لکيا ويا . هن ’دين الاهي ‘ نالي مذهب به شروع ڪيو ، جنهن ۾ مذهب ۽ ذات پات جي فرق کي ختم ڪيائين ، ۽ مرڪزي بنياد توحيد تي رکيائين ( تفصيل لاءِ ڏسو ” دين الاهي “ ) .
جيتوڻيڪ هن باقاعدي تعليم حاصل ڪانه ڪئي ، پر هو نهايت ڪامياب حڪمران ثابت ٿيو . ان صورت ۾ اڪبر جو چاليهن سالن وارو دؤر مغل شهنشاهت جو عظيم الشان دؤر ثابت ٿيو .
” آئين اڪبري “ ۽ ” اڪبر نامه “ مان ، اڪبر جي شخصيت ۽ ڪارنامن کان سواءِ ، سندس فڪر ۽ حڪمت تي ، مفصل روشني پوي ٿي . ڊاڪٽر ايشوري پرشاد ، اڪبر بادشاهه کي ان وقت جي دنيا ۽ يورپ جي همعصر حڪمرانن ، خاص ڪري انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ ( 1533_ 1603ع ) ۽ اسپين جي فلپ ٻئين ( 1598_ 1527ع ) سان ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ کيس تاريخ جو عظيم حڪمران سمجهي ٿو . هن 5 رجب 949هه/16 آڪٽوبر 1605ع تي ” آگري “ ۾ وفات ڪئي .
سندس جنم واري هنڌ تي سيد هاشم شاهه کيجراڙيءَ واري پٿر هڻائي ، ان تي پنهنجو نالو ۽ اڪبر بادشاهه جي جنم جو سال ( 1542ع ) لکايو هو . اهو پٿر عمرڪوٽ شهر کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف اڄ به موجود آهي .
1542.10.15 عيسوي
شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر ، 15 آڪٽوبر 1542ع تي ڄائو
1605.10.16 عيسوي
اڪبر بادشاهه 16 آڪٽوبر 1605ع تي ” آگري “ ۾ وفات ڪئي