اڪبر بادشاهه

اڪبر بادشاهه

اڪبر بادشاھہ

اڪبر بادشاھہ: شهنشاھہ جلال الدين محمد اڪبر ، مغل سلطنت جو نيڪ نام بادشاھہ ، عمرڪوٽ سنڌ ۾ 15 آڪٽوبر 1542ع تي ڄائو هو . 1556ع ۾ والد جي وفات وقت هي پنھنجي استاد بيرم خان سان گڏ ڪلانور ( ضلعي گورداسپور ) ۾ هو ، اتي ئي هن جي تخت نشينيءَ جون رسمون ادا ڪيون ويون . جلد ئي هن پاڻيپٽ جي ميدان ۾ ، هيمو بقال سان لڙائي ڪئي ، جنهن ۾ فتح حاصل ڪيائين ۽ ان سان سندس سلطنت کي ايندڙ لوڏا ، ڪجهہ جَهڪا ٿيا .
مغليه سلطنت جو بنياد بابر بادشاھہ 1526ع ۾ وڌو ، ۽ چئن سالن کان پوءِ هو وفات ڪري ويو . همايون 1530ع ۾ تخت تي ويٺو ، پر 1540ع ۾ شيرشاھہ سوريءَ کان شڪست کاڌائين . شيرشاھہ سوريءَ جي مرڻ کان پوءِ همايون ، جڏهن وري تخت حاصل ڪيو تہ هو بہ جلد ئي حادثي جو شڪار ٿي مري ويو .
جيستائين اڪبر 18 سالن جو نہ ٿيو هو ، تيستائين بيرم خان ئي سلطنت جو مختيار هو ، ۽ پوءِ جڏهن اڪبر واڳون سنڀاليون تہ فتحن جو ، هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو . راجپوتانا جي راجائن جي اڪثريت ازخود ئي فرمانبردار ٿي وئي ، ميواڙ جي راجا مقابلو ڪيو ، پر شڪست کاڌائين . راجا اُڌي سنگهہ ۽ سندس جاءِ نشين پرتاب بہ مقابلي کان پوءِ ماتحت ٿي ويا . مالوا ، گجرات ، خانديش ، احمد آباد ، گونڊوانا ، بنگال ، اُڙيا ، ڪشمير ، سنڌ ، مطلب تہ ڏکڻ ايشيا جي هڪ حصي کان سواءِ ، ڪابل کان احمد نگر تائين ، ۽ سنڌ کان بنگال تائين سمورو ملڪ مغلن جي اثر هيٺ اچي ويو .
اڪبر بادشاھہ ملڪي ۽ فوجي انتظامن جي اصلاح ڪئي . زمينن جي معاملي ۾ ، شيرشاھہ جي نظام کي بهتر بنايائين . هن سلطنت جي انتظامي عهديدارن جا 33 درجا بنايا ، جن ۾ سڀني کان ننڍو درجو ، ڏهن سپاهين جي آفيسر جو هو ۽ وڏو درجو ڏهن هزارن تائين هو ، پر اڪبر پنجن هزارن کان وڌيڪ درجي وارو عهدو ، شهزادن کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي بہ نہ ڏنو . سڀني کي روڪ پگهار ڏنو ويندو هو . هن ازبڪن ۽ پنھنجي ڀاءُ مرزا حڪيم جي بغاوتن کي بہ ڪچليو .
اڪبر ، سموريءَ سلطنت کي 18 صوبن ۾ ورهايو ، ۽ هر صوبي ۾ هڪجهڙو نظام چالو ڪيو . سندس دؤر ۾ علم ۽ فن جي تمام گهڻي ترقي ٿي . فيضي ، ابوالفضل ، تان سين ، تلسي داس وغيرہ اڪبري درٻار سان لاڳاپيل رهيا ، جيڪي سندس ” نون رتنن “ مان هئا . هن جي دؤر ۾ ’اڪبر نامہ ‘ ، ’آئين اڪبري ‘ ، ’طبقات اڪبري ‘ ۽ ’منتخب التواريخ ‘ وغيرہ جھڙا ڪتاب لکيا ويا . هن ’دين الاهي ‘ نالي مذهب بہ شروع ڪيو ، جنهن ۾ مذهب ۽ ذات پات جي فرق کي ختم ڪيائين ، ۽ مرڪزي بنياد توحيد تي رکيائين ( تفصيل لاءِ ڏسو ” دين الاهي “ ) .
جيتوڻيڪ هن باقاعدي تعليم حاصل ڪانہ ڪئي ، پر هو نهايت ڪامياب حڪمران ثابت ٿيو . ان صورت ۾ اڪبر جو چاليهن سالن وارو دؤر مغل شهنشاهت جو عظيم الشان دؤر ثابت ٿيو .
آئين اڪبري “ ۽ ” اڪبر نامہ “ مان ، اڪبر جي شخصيت ۽ ڪارنامن کان سواءِ ، سندس فڪر ۽ حڪمت تي ، مفصل روشني پوي ٿي . ڊاڪٽر ايشوري پرشاد ، اڪبر بادشاھہ کي ان وقت جي دنيا ۽ يورپ جي همعصر حڪمرانن ، خاص ڪري انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ ( 1533_ 1603ع ) ۽ اسپين جي فلپ ٻئين ( 1598_ 1527ع ) سان ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ کيس تاريخ جو عظيم حڪمران سمجهي ٿو . هن 5 رجب 949ھہ/16 آڪٽوبر 1605ع تي ” آگري “ ۾ وفات ڪئي .
سندس جنم واري هنڌ تي سيد هاشم شاھہ کيجراڙيءَ واري پٿر هڻائي ، ان تي پنهنجو نالو ۽ اڪبر بادشاھہ جي جنم جو سال ( 1542ع ) لکايو هو . اهو پٿر عمرڪوٽ شھر کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف اڄ بہ موجود آهي .


لفظ اڪبر بادشاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1542.10.15  عيسوي

شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر ، 15 آڪٽوبر 1542ع تي ڄائو


1605.10.16  عيسوي

اڪبر بادشاهه 16 آڪٽوبر 1605ع تي ” آگري “ ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خيرو درس
قابل اجميري
راهو علي محمد
عبدالغفار صديقي
ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ
قرت العين حيدر
اقبال ترين
عبدالحڪيم سومرو مولانا
اسحاق مڱريو
رهي رسول بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون