اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو هنڌ

اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو هنڌ

اڪبر بادشاھہ جي ڄمڻ جو ھنڌ

اڪبر بادشاھہ جي ڄمڻ جو ھنڌ: هيءَ هڪ ڇٽي هئي جيڪا عمر ڪوٽ قلعي جي اتر ۾ ھڪ ميل ڏور هئي. موجودہ وقت اڪبر جي جنم واري ھنڌ مٿان ٺهيل ڇٽي ڪري پئي آھي. ڪجهہ وقت اڳ تائين صرف ٻہ ٿنڀا بيٺا ھئا. اها ڇٽي پڪين سرن ۽ مٽيءَ جي گاري سان ٺھيل ھئي. سرن جي ماپ 12X6X3 انچ آھي. ھڪ سنگ مرمر جي تختي اوچائي ۾ ١٥ انچ ۽ ١٩ انچ آھي. ان تي لکيل آھي تہ ”ھن ھنڌ اڪبر بادشاھہ ڄائو سنہ ٩٦٣ھہ“. جيئن تہ ڇٽي ڊھي چڪي آھي پر حاڪم علي شاھہ بخاري پنھنجي مضمون ”اڪبر جي جاءِ پيدائش عمرڪوٽ“ ۾ ماپون ھي ڏنيون آھن. زمين کان ڇٽي جي گبنذ تائين اوچائي ١٤ کن فوٽ ڊيگهہ ويڪر 10x10 فوٽ، ٿنڀن جي ٻاھرين موڪر ٧. ١ فوٽ ۽ اندرئين پاسي کان ١٥ انچ. ڪنڊ ڪٽيل اٿس. ھرھڪ ٿنڀو ٦. ٦ فوٽ بلند آھي. جنھن تي ٤ انچ ٿلھي ڇت مٿان ٤ فوٽ کن بلند گنبذ رکيل آھي. اڪبر بادشاھہ ٥ رجب ٩٦٩ع (١٥٤2) تي ھمايون کي حميدہ بانو مان ڄائو. سندس ڄمڻ ھنڌ تي ميان سيد هاشم شاھہ کيجراڙيءَ واري پٿر هڻائي، ان تي پنهنجو نالو ۽ اڪبر بادشاھہ جي جنم تاريخ لکرائي هئي، اهو هنڌ عمرڪوٽ کان ڪلوميٽر پنڌ تي آهي. ان پٿر واري هنڌ تي پٿر جي ڇٽي (مقبري نما) ٺهيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو