اڪبر بجير ٿري

اڪبر بجير ٿري

اڪبر بجير ٿري

اڪبر بجير ٿري: شاعر ۽ ليکڪ حاجي محمد اڪبر ولد کينئرو بجير 15 جولاءِ 1947ع تي، ڳوٺ واگهي بجير، تعلقي، ننگرپارڪر، ضلعي مٺيءَ ۾ پيدا ٿيو. مڊل اسڪول حاجي سعيد خان لغاري (تعلقو ڪوٽ غلام محمد) مان ڇھه درجا تعليم حاصل ڪئي. غربت سبب وڌيڪ پڙهي نہ سگهيو ۽ والدين سان گڏ بئراجي علائقن ۾ مزدوري ڪرڻ لڳو. 1969ع ڌاري پوليس کاتي ۾ سپاهي ڀرتي ٿيو، جتي ترقي ماڻي محرر، هيڊ محرر ۽ پوءِ صوبيدار ٿيو، جتان 2004ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. نوڪري دوران ’ڪوجهو ڪانسٽيبل‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. نوڪري جي شروعات کان ئي شاعري طرف سندس لاڙو ٿيو ۽ يادگيريون بہ لکندو رهيو. سندس ٻہ ڪتاب ’حرف نہ ڄاڻان هيڪڙو‘ (آتم ڪٿا، ڀاڱو پھريون، 2018ع) ۽ ’ڪتيندي ڪنبيا‘ (شاعري، 2018ع) ڇپجي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.07.15  عيسوي

شاعر ۽ ليکڪ حاجي محمد اڪبر ولد کينئرو بجير 15 جولاءِ 1947ع تي، ڳوٺ واگهي بجير، تعلقي، ننگرپارڪر، ضلعي مٺيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محبوب سنڌي
شير محمد شيرل
خٽڪ اجمل
علي محمد ساغر سيوهاڻي
طالب لغاري
ڪيف رضواني
عـاشـق عـارباڻـي
عبدالله چانڊيو
اشرف پلي
حاجي احمد بخش
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون