اڪبر جسڪاڻي

اڪبر جسڪاڻي

اڪبر جسڪاڻي

اڪبر جسڪاڻي: ٻاراڻي ادب کي سهيڙيندڙ اڪبر جسڪاڻي ولد ڄام خان جسڪاڻي، 1958ع ڌاري ضلعي دادوءَ جي شھر جوهيءَ ۾ ڄائو. ننڍڙوئي هو، تہ سندس والد سعودي عرب ۾ گذاري ويو. اڪبر کي ناني ۽ نانيءَ پاليو. کيس ڪو چاچو يا مامو بہ نہ هو. زندگيءَ جا اڙانگا پيچرا طئي ڪندي، 1975ع ۾ ”جيئي سنڌ“ تحريڪ جو ميمبر ٿيو. اُڻ کان پوءِ جيئي سنڌ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (وطن دوست پارٽي) ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ لاءِ ڪم ڪيائين. هن جوهي شھر ۾، ترقي پسند قومپرست شعور پکيڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت، جوهي شاخ جو بنياد بہ هن وڌو. ذوالفقار علي ڀٽي شھيد خلاف چاڪنگ ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ جيل بہ ڪمايائين. اڪبر کي مشھور اديب ۽ ڪهاڻيڪار سيد ظفر حسن جي دؤر ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ڪيو ويو. ۽ بعد ۾ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1987ع ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو.
هن فتاح هاليپوٽي (شرجيل) جي همٿائڻ تي ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جون شروعاتي ڪهاڻيون ماهوار ”سوجهري“ ۾ ٻارڙن جي صفحي ۾ ڇپيون. اُن کان پوءِ روزاني آفتاب، عبرت ۽ سنڌ نيوز ۾ بہ لکيائين. هن جي ٻاراڻين ڪهاڻين جا مجموعا ”بتين واري ناني“ (ناوليٽ)، ”رمون پيٽي“ ۽ ”خيرو حجم“ جي نالي سان نثار حسينيءَ ڇپرايا، جن مان ’رمون پيٽي‘ ۽ ’بتين واري نانيءَ‘ کي سنڌي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سنڌالاجيءَ طرفان بھترين ڪتاب طور انعام ڏنو ويو. اڪبر جو ڪتاب ”گلڙن جا گهاءَ“، هالا جي دوستن ڇپرايو. ان کانسواءِ اڪبر جون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪهاڻيون ڇپيل آهن. اڪبر شادي نہ ڪئي. هن فوت ٿيڻ کان اڳ، سگا شاخ جوهيءَ پاران، جوهي شھر ۾ قائم ڪيل گاج لائبرري (هاڻي اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبرري) لاءِ پنهنجا سانڍيل ڪتاب ڊاڪٽر حميد سومري جي حوالي ڪيا. اڪبر جسڪاڻيءَ جو لاش حيدرآباد جي سحرش نگر واري ويران گهر مان، 13 آگسٽ 1999ع تي سڙيل حالت ۾ مليو. سندس موت اڄ ڏينهن تائين هڪ راز بڻيل آهي .


لفظ اڪبر جسڪاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.00.00  عيسوي

اڪبر جسڪاڻي 1958ع ڌاري ضلعي دادو جي شهر جوهيءَ ۾ ڄائو


1999.08.13  عيسوي

اڪبر جسڪاڻي 13 آگسٽ 1999ع ۾ فوت ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خالد وسير
ٽلو خان سپھہ سالار
ڊيوڊورس سائڪيولس
اياز علي
شاھہ محمد
قائم الدين ڪنڀار
تاج محمد شاھہ سيد
حڪيم قائم الدين مھر
قاضي نظر محمد
ڀڳت ٽيئون رام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون