اڪرام الله ڌاريجو

اڪرام الله ڌاريجو

اڪرام ﷲ ڌاريجو

اڪرام ڌاريجو: اڪرام خان ڌاريجو 7 فيبروري 1971ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پ. پ جو ايم.پي.اي آهي، جيڪو صوبائي اسيمبلي سنڌ جي گهوٽڪيءَ واري تڪ پي ايس 6 تان ڪامياب ٿيو. سندس تعلق گهوٽڪيءَ جي ڌاريجا خاندان سان آهي، جيڪو سياسي حوالي سان مشھور آهي. هن پاڪستان کان علاوہ ڪيليفورنيا يونيورسٽي آمريڪا ۾ بہ تعليم حاصل ڪئي. جتان بزنس مئنيجمينٽ ۾ پي.ڊي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پ پ نارٿ آمريڪا جو 2001ع کان 2005ع تائين وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو. هن وقت ناڻي، بين الصوبائي رابطن، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اريگيشن بابت ڪميٽين جو ميمبر ۽ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن بابت ڪاميٽيءَ جو چيئرمين آهي. پاڻ سنڌ پيپلز ڊولپمينٽ ڪميٽي ضلعي گهوٽڪيءَ جو چيئرمين بہ آهي. سندس مستقل رهائش عادلپور ضلعي گهوٽڪي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.02.07  عيسوي

اڪرام الله خان ڌاريجو 7 فيبروري 1971ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب ذڪاءُ ﷲ
ابڙو تاج محمد
آغا بدرالدين دراني
بروهي جان محمد
انور احمد خان مھر
اي ايم قريشي
آرائين طارق مسعود
امداد علي پتافي
بچاڻي شمشاد بيگم
ايشور داس
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون