اڪرم قمبراڻي

اڪرم قمبراڻي

اڪرم قمبراڻي

اڪرم قمبراڻي: اديب ۽ سياسي ڪارڪن اڪرم ولد اڪبر قمبراڻي 23 اپريل 1970ع تي، ڊگهڙي شھر، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. انٽر تائين تعليم ڊگهڙي ۾ حاصل ڪئي. 1990ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿي، سياست جي شروعات ڪئي. ان کانپوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقي ڊگهڙي ۽ ضلعي ميرپورخاص لاءِ صدر جي عھدي تي رهيو. 2005ع کان ڪجهہ سال صحافت سان وابستہ رهيو. 2012ع کان ٽائون ڪاميٽي، ڊگهڙي ۾ ڪلرڪ طور ڪم ڪري رهيو آهي. 2022ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ، ڊگهڙي جو سيڪريٽري رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڊگهڙي جي تاريخ“ (2015ع)،”ڪشمير ڪينواس“ (سفرنامو، 2016ع) ۽ ”گورک“ (ناول، 2018ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.04.23  عيسوي

اديب ۽ سياسي ڪارڪن اڪرم ولد اڪبر قمبراڻي 23 اپريل 1970ع تي، ڊگهڙي شھر، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانگياڻي سنتداس
پنجواڻي رام پروفيسر
بيدل مسرور
ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
عابد مظهر ڊاڪٽر
ولي رام ولڀ
غلام علي چنو
رئوف نظاماڻي
ديوان ننديرام
پرسو جي گدواڻي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون