اڪول

اڪول: اڪول جو وڻ سنڌ جي جابلو علائقن ۾ ٿيندو آهي. ان جي اوچائي 30 کان 40 فوٽن تائين ٿيندي آهي. ان جي ننڍين ٽارين تي سخت ڪنڊا هوندا آهن، پر وڏيون ٽاريون ڪنڊن کان خالي هونديون آهن. وڻ جي ٿڙ ۽ ٽارين جو رنگ سفيد ٿيندو آهي. گل چٻاڙڻ سان ٿورو ڪڙو لڳندو آهي، جنهن سان دل ڪچي ٿيندي آهي. هن جا پن آڙوءَ جي پنن سان ملندڙ جلندڙ هوندا آهن، پر ان وانگر نوڪدار نه هوندا آهن. هن جو ميوو ڄمونءَ کان ننڍو ٿيندو آهي ۽ پچي ڄمونءَ وانگر ٿي ويندو آهي، پر ان جو ذائقو ڦڪو هوندو آهي. اڪول، آفيم جو ترياق (اوتار) آهي. جيڪڏهن ڪو شخص آفيم زهر جي مقدار ۾ کائي يا ايترو کائي جو نشو تمام گهڻو ٿي وڃيس ته اڪول جي ڪاٺي، پاڻيءَ ۾ گهوٽي پيارڻ سان آفيم جو اثر بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو، پر ان ڪم لاءِ اندر واري سخت ڪاٺي کڻبي آهي، جيڪا ڳاڙهي ۽ ڪِٺُ ٿئي ٿي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته کير پياڪ ٻارن جي سوڪڙي لاءِ به، هي مفيد ۽ بهترين دوا آهي.


لفظ اڪولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو