اڪيواري

اڪيواري/اڪيواڙي: هي هڪ ديھہ جو نالو آهي جيڪا ڪراچي ۾ آهي، موجودہ حسن اسڪوائر، نيشنل اسٽيڊيم، شانتي نگر، محمد علي سوسائٽي ۽ طارق روڊ واري علائقي ۾ اڪ گهڻا هوندا هئا، ان ڪري هي علائقو اڪين واري، ”اڪن وارو پٽ“ مشھور هو، جيڪو بعد ۾ بگڙجي اڪيواري ۽ اڪيواڙي ٿيو. هن ديھہ جون حدون پراڻي سبزي منڊي جي سامهون موجودہ الھلال هائوسنگ سوسائٽي، آغا خان اسپتال، محمد علي سوسائٽي کان ريلوي لائين تائين، ٻئي پاسي موجودہ يونيورسٽي روڊ جيڪو ڪجهہ وقت اڳ تائين گڏاپ ۽ ٿاڻو بولا خان روڊ جي نالي سان مشھور هو، شھر ڏانهن ويندي هن جي کاٻي پاسي مدو ڳوٺ، سفاري پارڪ لڳ مولڙي جبل کان آمري ڍوري تائين ۽ اڳتي هلي ناٿا خان پل جي وچ تائين هن ديھہ جون حدون آهن. سي او ڊي وارو فوجي علائقو، ڊالميا، سيمنٽ فيڪٽري، عزيز ڀٽي پارڪ، اردو يونيورسٽي، نيپا، سوڪ سينٽر، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي پراڻي آفيس وارا علائقا انهيءَ ديھہ ۾ آهن.


لفظ اڪيواريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو