اڪڙِي
اَڪڙِي: پير پٿوري جي پَٽ جو نالو ”اڪَڙِيءَ جو پَٽُ“ هو، جنهن جي نالي پويان هن ايراضيءَ ۾ ’اڪڙي وڏي‘، ’اڪڙي ننڍي‘، ’اڪڙو وڏو‘ ۽ ’اڪڙو ننڍو‘ نالا پيا. ’اَڪڙو‘ قديم ۽ موجوده، ’اڪڙي‘ جو شھر آهي، جيڪو پٿوري جي ماڳ کان اٽڪل ٻہ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. اڪڙي جو پراڻو شھر هن وقت ڦٽل پڊ جي صورت ۾ آهي.