اڪ مڪڙ

اڪ مَڪڙ: هيءُ جيت عام مڪڙ جيڏو، پر سائي ڦڪي رنگ جو ٿيندو آهي. گهڻو ڪري اَڪ جي وڻ تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهنڪري ئي هن جو نالو ”اَڪ مڪڙ“ پيو آهي. هيءُ جيت ڊگهين ٽنگن ۽ مُڇن سان ٿئي. ساين ٽارين يا گاھہ ۾ لڪي ويندو تہ نظر نہ ايندو. گاهن ۾ بہ ويهندو آهي. وسڪاري وقت جام ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ٿري ٻوليءَ ۾ هن کي ”گوگو“ بہ چوندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو