اگر

اگر/ عود: خوشبودار ڪاٺي، سوسن جي قسم جو هڪ تمام وڏو ٻوٽو، جنهن جا پنجاھہ قسم آهن. هي ٻوٽو ڏکڻ آفريڪا ۾ ملي ٿو. جتان هي سڄي دنيا ۾ برآمد ڪيو وڃي ٿو، برصغير ۾ هن کي ”اگر“ ۽ ”عود“ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ ڪاٺي خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ساڙي ويندي آهي. قديم دنيا جي بادشاهن جي تاريخ مان خبر پوي ٿي تہ سندن جي درٻارن ۽ محلن ۾ عود اگر ساڙڻ لاءِ هڪ خاص عملو هوندو هو. قديم يوناني ديوتائن جي پرستش وقت بہ هي ڪاٺي ساڙي ويندي هئي. جڏهن بني اسرائيل وارن يروشلم ۾ پنھنجي عبادتگاھہ تعمير ڪئي، تڏهن ان جي صدر دروازي وٽ عود جي ڪاٺي ساڙيندا هئا، بائيبل جي ”عھد عتيق“ ۾ جابجا هن رسم جو ذڪر موجود آهي. هن کي ”عود هندي“ بہ چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ بہ هن خوشبودار ڪاٺيءَ جو استعمال گهڻو ٿيندو هو. سنڌ جا حاڪم جڏهن پنھنجي درٻار ۾ ايندا هئا، تڏهن سندن اچڻ کان پهرين اگر جي ڪاٺي ساڙي ويندي هئي، ان کان سواءِ سنڌ ۽ هند ۾ هي خوشبودار ڪاٺي درگاهن، مسجدن، امام بارگاهن، مزارن، گهرن ۽ علم پاڪ تي پڻ وڏي عقيدتمندي سان ٻاريندا آهن. سنڌ جي جابلو علائقن ۾ اگر جا ننڍا ننڍا ٻوٽا ٿيندا آهن، پر انهن ۾ ڪا خاص خوشبوءِ ڪا نہ ٿئي. عود کي مختلف بيمارين جي علاج طور پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو.


لفظ اگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو