اگهاماڻو-اگهم ڪوٽ

اگهاماڻو/ اگهم ڪوٽ: دڙن ۽ قبرستان تي مشتمل ھي ماڳ حيدرآباد کان ٢٥ ميل ڏکڻ اوڀر طرف، تعلقي ماتلي ۾ چمبڙ کان چار ميل پري ڏکڻ ۾ غلام علي روڊ کان ٽي فرلانگ اولھہ طرف. بدين ضلعي ۾ آهي. هي ماڳ ھندو دور ۾ اوج تي ھو. اتر 25◦13′50′′ ۽ اوڀر 68◦46′20′′ درجا آهي. ھن وقت شھر جا دڙا ۽ قبرستان ٻہ سؤ کن ايڪڙن ۾ ڦھليل آھن. راجا اگهم، راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ سھيرس جي دور ۾ لوھاڻي پرڳڻي جو حاڪم ھو. تنھن ڪري اھو ماڳ اگهم لوھاڻي جي نالي پويان سڏجي ٿو. تاريخ موجب اگهم چچ جي تعبيداري قبول نہ ڪئي ھئي. شاھي فوج سان پڄي نہ سگهيو ۽ قلعي ۾ آخري پساھہ کنيائين. عربن جي وقت ھي شھر پنھنجي اوج تي ھو. محمد بن قاسم بہ ھن شھر کي فتح ڪيو. ھن شھر جي تباھيءَ جا ڪارڻ معلوم ناھن، پر نادرشاھہ جي حملن ۽ سنڌو وھڪري جي ڦيرگهير جو ھٿ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. قبرستان ۾ مخدوم محمد اسماعيل سومري جو مقبرو اھم آھي. شاھہ محمد سھروردي، اسلم شاھہ، اشرف شاھہ قادري جي قبرن کان سواءِ تحفه الڪرام ۾ جنھن شيخ اسحاق بن سلطان بن بھلول قادريءَ جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪو حضرت عبدالقادر جيلاني رحھ جي اولاد مان ھو ان جي قبر پڻ ھتي آھي. مخدوم محمد اسماعيل جي مقبري جي ڏکڻ ۾ ٽه- قبائين مسجد جا کنڊر ملن ٿا. ڪجهہ ماپون هن ريت آهن. مسجد 40x15 فوٽ، صفي جي ڏاکڻي ڀت ڀڳل آهي. مسجد جو ورانڊو ١٢ فوٽ کن ويڪرو ۽ مسجد جي دروازي تي ھڪ ڪتبي ھجڻ جا نشان آھن، جيڪو فارسيءَ ۾ لکيل آھي. مسجد ٺھڻ جو سن ٦٤٧ ھہ ڏنل آھي. جڏھن تہ مخدوم محمد اسماعيل جن جي وفات جو سن ٩٩٨ ھہ آھي. معنيٰ مخدوم صاحب جي وفات کان بہ ٽي ساڍا ٽي سؤ سال اڳ جي تعمير ٿيل آھي. مخدوم اسماعيل جي مقبري جي اتر طرف مخدوم پير حسين شاھہ جي چوکنڊي آھي. سڀ مزارون خستہ حالت آھن. دڙي تي ڪابہ کوٽائي ڪانہ ٿي آھي. کوٽائي ڪجي تہ معلوم ٿئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو