اگهاماڻي تڙ/بندر: دادو ڪئنال جي اوڀر ۾ تعلقي ميهڙ ۾ هڪ ڳوٺ هن نالي سان موجود آهي، جيڪو آڳاٽي زماني ۾ سنڌو درياھہ جو مشھور بندر هو. هن بندر تان تيلي ٻج، مڱ، رانهان، مٽر، چڻا، ڪپھہ، نير ۽ اناج وغيرہ ٻاهر ويندو هو. سنڌ جي ٻين بندرن وانگي سچو گيھہ هتان کان ٻاهر موڪليو ويندو هو. هي بندر سمن جي صاحبيءَ ۾ ختم ٿي ويو ۽ هاڻي هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ آباد آهي.