اَڳَٺُ: سٿڻ يا شلوار کي چيلهه ۾ قابو ٻڌڻ واري پَٽي، جيڪا پٽهڙ هجي يا ڄاريءَ جي ٺهيل هجي. اڳٺ سٿڻ جي اُبداڻي ۾ پوندو آهي. اڳٺ کي ”ناڙو“ ۽ ”ازاربند“ به چوندا آهن.
اڳٺ اڻڻ جو هنر سنڌ جي گهرو هنرن ۾ شامل ٿئي ٿو، جيڪو آڳاٽي دؤر کان هلندو اچي ٿو، اَڳٺ ٺاهڻ لاءِ خاص قسم جو فريم ٿئي، جنهن کي ”ڪارچوپ“ يا ”ڪارب“ سڏين. جيڪو وڏين اُڀين پَٽين ۽ ٽن ننڍين پاسيرين پَٽين تي ٺهيل هوندو آهي. اُڀين پٽين تي وري مٿي کان پنج ست سوراخ ٿين، جيڪي اڳٺ جي ڊيگهه جي ماپ لاءِ گهٽ وڌ ڪيا ويندا آهن. انهن سوراخن ۾ وري ڪليون پونديون آهن، جيئن ماپ پوري ٺهي. اڳٺ ٺاهڻ لاءِ سر يا ڪاني جون تيليون پڻ استعمال ٿين. اڳٺ ٺاهڻ کان اڳ زمين ۾ ڪليون کوڙي تاڃي ڪڍبي آهي، پوءِ ڪارب تي چاڙهي اُڻت ڪبي آهي. اڻت اُبتي ۽ سبتي وَرَ تي ٿئي. اڻت لسي به ٿئي ته نمونن تي پڻ ٿئي. اڳٺ، سُٽ، ڪشميري، پشم ۽ ريشم جي ڌاڳن مان ٺهندا آهن. اڳٺن جي ڪارب تان لهڻ کان پوءِ پلوَ جي ٻڌڻي ٿئي. اڳٺ جا پَلَوَ، موتين، ستارن، ٽِڪُن، جهاٻن جهوڙن، ٽؤنرن، منڍين، لالن وغيره سان به ٻڌجن. پر ڪي سادا پَلو ڳنڍين ۽ مينڊين تي اُنهيءَ رنگ ۽ انهيءَ ڌاڳي سان ٻڌجن، جن جو اڳٺ ٺهيل هوندو آهي. اڳٺ پڙي جي ڏيج ۾ خاص ڪري ڏنا وڃن ٿا. گهوٽ پاران اڳٺ، سڳيون، رومال وغيره، هڪ ٽوال ۾ ٽاڪي ڏين، جنهن کي ’بازار‘ ڪوٺين. اڳٺ گهريلو صنعت طور ناڻي ڪمائڻ لاءِ پڻ عورتون توڙي مرد واندڪائيءَ ۾ گهر ۾ ويهي ٺاهين ۽ پوءِ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ دڪاندارن کي اُهي پڄايو ڏين. ميلن ۾ ته اڳٺن جا کوڙ سارا نمونا لڏندا لمندا نظر ايندا آهن. ميلي تي وڃڻ لاءِ اڳواٽ ئي ٻهراڙيءَ جون عورتون پنهنجن مردن لاءِ نهايت سهڻن پلاندن جي ٻَڌ وارا اڳٺ ٺاهين، جيڪي مرد وري قميص کان هيٺ لڙڪائي هلن. سٿڻ ۾ اڳٺ وجهڻ واري ڪاٺيءَ کي اڳٺ وجهڻي چون.
اڳٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاحي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. جنهن ۾ سماجي روين جي پرک پوي ٿي: جيئن ته: ”اڳٺ جو سڱ هئڻ، (ساهُرن سان مائٽي هئڻ)، ”اڳٺ جو ور“ (شاديءَ جي ذريعي مائٽيءَ جو رستو ڳنڍڻ). ”اڳٺ ڇوڙي ويهڻ“ (همت هارڻ، گيدي ٿيڻ، مايوس ٿي ويهي رهڻ) وغيره.
امير ماڻهن وٽ چانديءَ جون اڳٺ وجهڻيون هونديون آهن. شاديءَ وقت گهوٽ ۽ ڪنوار کي اڳٺ وجهڻي ڏاجي ۾ ڏيندا آهن. موجوده دور ۾ پلاسٽڪ مان به اڳٺ وجهڻيون ٺهنديون آهن.