اُڻراھہ جي پٽيِ: هيءُ دڙو هندو/اسلامي دور سان تعلق رکي ٿو. محراب پور شھر ۽ ٽنڊي مير عاليءَ جي وچ تي ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. دڙي جي ايراضي ٻن ميلن ۾ پکڙيل آھي. دڙا ٥ کان ١٠ فوٽ اوچا آھن. اڳي اڃا وڏي ايراضي ھوندي، پر هاڻي گهڻو حصو زرعي آباديءَ ھيٺ اچي چڪو آھي. لڳي ٿو ڪا ڪھني بستي آھي. مٿاڇري تي ٺڪراٺو ھندو ۽ اسلامي دور سان ڀيٽڻ جهڙو آھي. ھيٺين تھن ۾ ڪو وڏو تاريخي دفينو ٿي سگهي ٿو. ٿورو ھيٺ کوٽڻ سان ٽامي جا سڪا ۽ ٻيون وٿون ملن ٿيون. کوٽائي ٿيل ڪانہ آھي.