اڻڄاڻ

اڻڄاڻ (ڪتاب ):مشھور قومي اڳواڻ ۽ اديب قاضي فيض محمد جو ناول ”اڻڄاڻ“، سندس ٽيون نمبر ناول آهي. هن کان اڳ سندس ٻہ ناول ”جنسار“ ۽ ”ٻاويھہ سؤ ٻاويھہ“ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هي ڊيمي سائيز جي 123 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، اپريل 1993ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 40 رپيا آهي. هن ناول جو بنيادي نقطو اهو آهي تہ انساني ارتقا ۾ سڄي دنيا جي سماج ۾، شروع کان انسان جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي ۽ سنڌ وارن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ وارن جيڪو امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي، اهو بہ هن ناول ۾ موجود آهي تہ هن سنڌ ۽ سنڌين مان ڪهڙيون اميدون رکيون آهن، ان جون جهلڪيون بہ هن ناول ۾ ڄاڻايل آهن.


لفظ اڻڄاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو