اڻ سڃاتل مقبرا لڳ ڏنگراج مقبرو

اڻ سڃاتل مقبرا، لڳ ڏنگراج مقبرو: هي نامعلوم دور ۽ صاحبن جا مقبرا ديھہ ڪوٽ چانڊيا، پتو ڪنوري (Kanoori) تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ آھن. ھتي شيخ الياس محمد ڏنگراج جي مقبري کان سواءِ ٻہ مقبرا زبون حالت ۾ موجود آھن. روايتون آھن تہ ھتي 7-8 مقبرا ھئا، جيڪي ڊھي چڪا آھن. انھن ٻنھي تي ڪتبه ھئا. جيڪي ھاڻي 1992ع کانپوءِ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. ھڪ مقبرو ڏنگراج مقبري جي اتر ۾ وڏو، پر سڄو ڊٺل آھي. ان تي ڪجهہ لکتون آھن، پر پڙھڻ جهڙيون ڪين آھن. ٻيو مقبرو ڏنگراج مقبري جي اوڀر اتر ۾ آھي، جيڪو بہ تمام زبون ٿي چڪو آھي. ھن جون ڪجهہ ڀتيون بيٺيون آھن، پر گنبذ (Dome) ۽ ڳچ (Neck) ڊھي ويا اٿس. مقبرو ڪرڻ تي آھي. ٻنھي روضن تي ٽائلس جو ڪم ٿيل آھي. اندر سڪو چٽ ۽ ٻي چترڪاري بہ نظر اچي ٿي. پر جتان ڪٿان ڏري پيا آھن. ھتي روضي تي ٺھيل پانيل وڏا آھن. جن مان ٻن جي ماپ درج ڪجي ٿي. 31x171 / 19x4 ۽ ٻيو 22x17x7 س- م. ماڳ اڪثر ڪري ٻوڏ جي اثر ھيٺ رھي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو