اڻ لڀ گئسون (Para gases ):هوا جو تقريباً هڪ سيڪڙو اڻ لڀ گئسون آهن. هيليم، نيون ۽ ارگان مشهور اڻ لڀ گئسون آهن. هنن گئسن کي بي عمل گئسون به سڏبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي شين سان ڪيميائي عمل نه ڪنديون آهن. بجليءَ جي بلبن ۾ هوا جي بدران آرگان گئس استعمال ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اها بلب جي تار فلامينٽ سان ڪيميائي عمل نٿي ڪري. آرگان، نيون ۽ هيليم وايومنڊل ۾ تمام ٿوري مقدار ۾ موجود آهن.