بئنڪ

بَئنڪ: بئنڪ هڪ ڪاروباري ادارو آهي. بئنڪ جو رواج اٽليءَ کان شروع ٿيو، جتي ’وينس‘ شھر واپاري مرڪز هو. واپارين جي سهوليت لاءِ ڪي شخص سينٽ مارڪ (St. Mark) جي چوسول تي پئسا رکندا هئا ۽ مختلف سڪن بدلائي ڏيڻ جو ڪاروبار ڪندا هئا. بئنڪ کي اطالوي ٻوليءَ ۾ ”بَينڪو“ يا ”بئڪو“ چيو ويندو هو، ان تانبئنڪ“ جو نالو ٺهيو، جو اهو ڌنڌو انهن بينچن تي ويهي ڪندا هئا. اڄ سڄيءَ دنيا ۾ ”بئنڪ“ نالو رائج آهي. بئنڪ هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن ۾ ڪوبه شھري امانت طور پنهنجا پئسا رکي سگهي ٿو. اُهو پئسو ٻن بنيادن تي رکيو ويندو آهي. هڪ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾، جنهن مان ڪابہ ڪٽوتي ناهي ٿيندي ۽ ٻيو نفعي نقصان جي بنياد تي جمع ڪرايو ويندو آهي. بئنڪون ماڻهن کي قرض بہ فراهم ڪنديون آهن. جيڪي صنعتي، زرعي، ڪاروباري ۽ ٻين مختلف بنيادن تي هوندا آهن. اڄ جي دور ۾ بئنڪ ۾ جديد ترين سهوليتون مثال طور ڪريڊٽ ڪارڊ، اي ٽي ايم، آن لائين بئنڪنگ ۽ ڪال سينٽرس، يوٽلٽي بلن جي ادائگي وغيرہ مهيا ڪري رهيون آهن. بئنڪ جو نظام قديم بابلي تاريخ ۾ پڻ ملي ٿو. ان کان پوءِ يونان ۾ پڻ چوٿين صدي عيسويءَ ۾ بئ نڪ جو نظام هلندڙ هو. سنڌ ۾ بئنڪن جي نظام جي شروعات 1858ع کان ٿي، جڏهن برطانيا حڪومت جي ڪوششن سان، ڪراچيءَ ۾ هڪ بئنڪ جي شاخ کلي. ان بئنڪ جو نالو ”آگره ائنڊ ماسٽر مين بئنڪ“ هو، جنهن پنھنجي ايجنسي ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي. انهيءَ سالبئنڪ آف ڪراچي“ بہ قائم ٿي. مطلب تہ 1886ع تائين ڪراچيءَ ۾ ڪيترين ٻين بئنڪن جون برانچون کليون. 1920ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪوآپريٽو بئنڪن جي شروعات ٿي. بئنڪن جي قيام سان، ڪراچيءَ جي ڪاروباري ۽ صنعتي ماڻهن لاءِ قرض حاصل ڪرڻ سان گڏ پنھنجي سرمائي جي حفاظت جي سهوليت بہ مهيا ٿي. هن وقت سڄي پاڪستان جي سمورن صوبن وانگر سنڌ جي هر وڏي ننڍي شھر ۾ مختلف بئنڪون کلي چڪيون آهن.

Wikipedia:

http://en.wikipedia.org/wiki/Bank


لفظ بئنڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1858.00.00  عيسوي

سنڌ ۾ بئنڪن جي نظام جي شروعات 1858ع کان ٿي ، جڏهن برطانيا حڪومت جي ڪوششن سان ، ڪراچيءَ ۾ هڪ بئنڪ جي شاخ کلي ان بئنڪ جو نالو ” آگره ائنڊ ماسٽر مين بئنڪ “ هو



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آنند شيوا منڊلي لاڙڪاڻو
ضربخانو دارالضرب
خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس
ليڊي ڊفرن اسپتال
بھبود اطفال
ايم آر ڊي
استاد لغاري ادبي لائبريري
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
ٽئڪسي ڊرائيورز يونين
اسلامي جمعيت طلبا
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون