بائجي شريف

بائجي شريف: تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ پني عاقل ريلوي اسٽيشن کان ٻه ڪلو ميٽر اولهه تي نوراجا روڊ تي هڪ ننڍڙو شھر، جتي ڌاريجا، ميراڻي، ڀٽا، ڪلهوڙا، دايا ۽ مڱڻھار ذات جا ماڻهو رهن ٿا. هن شھر کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. لفظ ’بائجي‘ اصل ۾ ’بايزيد جي‘ آهي، جيڪو تخفيف ٿيندو ’بائجي‘ مشھور ٿي ويو. اوائلي رڪارڊ ۾ ’بايزيد جي‘ تعلقو ننداپور، ضلعو شڪارپور لکيل آهي. هن ڳوٺ جي مشھوريءَ جو اهڃاڻ هتي موجود درگاهه آهي. روايت آهي ته حضرت تاج محمود امروٽي، بائجي ڀرسان ڳوٺ گگل ۾ اچي خليفي محمد صالح ڌاريجي کي معرفت جي ڄاڻ ۽ روحاني امانت سپرد ڪئي. اتان کان بائجي ۾ روحانيت جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين هلندڙ آهي. خليفي محمد صالح جي جد امجد جو نالو بايزيد هو، جيڪو بايزيد ’ثاني‘ جي نالي سان پني عاقل کان ڏکڻ طرف ميل جي پنڌ تي مشھور ماڳ پير احمد سلطان جي ڀر ۾ واقع ڳوٺ بائجي پراڻي جو ساڪن هو ۽ پوءِ لڏي سلطان پور ۾ وڃي ويٺو. مولانا محمد صالح طرفان اهو فيض عام ۽ خاص لاءِ 6 اپريل 1942ع تي سندس وفات تائين جاري رهيو. پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. کيس تفسير ۽ منطق تي خاص ملڪو حاصل هو. جيتوڻيڪ پاڻ ڪٿان به باقاعدي فارغ التحصيل نه هو. سندس استاد مولوي عبدالله ڀٽو هو. خليفي محمد صالح بائجي شريف ۾ باقاعدي مدرسو قائم ڪيو، جتان ڪيترا ناميارا عالم نڪتا، جن ۾ مولوي عبدالمجيد لنجار، فقير ولي محمد، ميان صابل شاهه، حاجي نظام الدين ۽ ٻيا شامل آهن. خليفي صاحب جي عقيدت مندن ۾ڪيترن قبيلن جا ماڻهو شامل هئا. درگاهه بائجي شريف کي وڌيڪ دوام ۽ شھرت خليفي محمد صالح جي فرزند ميان عبدالستار بخشي، جيڪو 1929ع ۾ ڄائو ۽ پنھنجي والد جي وفات (1942ع) وقت 13 سالن جي عمر ۾ گاديءَ تي ويٺو. ميان عبدالستار، درگاهه هاليجي شريف جو مريد هو. هزارين ماڻهو سندس مريد ٿيا. بائجي شريف ۾ هر جمعي تي هزارين ماڻهو ساڻس ملڻ لاءِ ايندا هئا. وڏي سياسي بصيرت جو مالڪ ۽ پنھنجي وقت جو وڏو حڪيم هو.


لفظ بائجي شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو