بابا بھار بخش خان

بابا بھار بخش خان (ڪٿڪ ڊانس ماسٽر ):بھار بخش خان ولد حاجي قـطـب الـديـن خـان 1902ع ۾ ريـاست بيڪانير هندستان ۾ جنم ورتو. بھار بخش خان طبلي وڄائڻ جي فن جي سکيا غلام حسين خان عرف گامي خان کان ورتي هئي، جيڪو دهلي گهراڻي جي بابا سڌار خان (طـبـلي نـواز) جـي اولاد مــان هــو. بھار بخش خان ڪٿڪ جي تربيت بنارس گهراڻي جي جانڪي پرڪاش کان ورتي. بھار بخش خان'>بابا بھار بخش خان طبلي جو تمام وڏو ماهر رهيو آهي، سندس گهڻو وقت سنڌ جي برک گائڪ ۽ راڳي خانصاحب خير محمد خان سان گذريو. بھار بخش خان'>بابا بھار بخش خان جا ڪيترائي شاگرد آهن، جن ۾ استاد مھر الدين خان ڪٿڪ، هزاري لال اگروال ڪٿڪ، سندس ننڍو ڀاءُ محمد صديق، مرحوم اڪبر حسين سمراٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪٿڪ ڊانسر شامل آهن. گنگا نگر، جگجيت ۽ چترا سنگهہ، جــنــهـن فـتـح مـحـمـد جي اڪيڊميءَ ۾ سکيا ورتي، اهو فتح محمد پڻ بـابـا بـهـار بـخـش خـان جو شاگرد هو. فلم انڊسٽري جي ڊانس ڊائريڪٽر بابا عاشق حسين جو فرزند پڻ سندس شاگرد رهيو. بابا بھار بخش 22 جنوري 1979ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ فقير محمود بخاريءَ جي مزار پٺيان آهي.


لفظ بابا بھار بخش خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.00.00  عيسوي

بهار بخش خان 1902ع ۾ ريـاست بيڪانير هندستان ۾ جنم ورتو


1979.01.22  عيسوي

بابا بهار بخش 22 جنوري 1979ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قرت العين حيدر
سومر فقير هنڱورو
صدام حسين
ڪمار ٿڌاڻي
روبينا قريشي
پروانو سيوهاڻي
حڪيم محمد يوسف کتري
ساڌنا ڀڳت
توقير فاطمہ ڀٽو
فاطمہ آفندي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون