
بابا ذهين شاهه تاجي
بابا ذهين شاھہ تاجي: بابا ذهين شاھہ تـاجـيءَ، 1902ع ڌاري جئپور ۾ جنم ورتو. سندس سلسلو حضرت خواجہ غريب نواز جي پهرئين خليفي حضرت حميد الدين ناگپوريءَ سان ملي ٿو. بابا ذهين شاھہ تاجيءَ کي عربي، فارسي، اردو ۽ هندي ٻولين تي عبور هو ۽ انهن ٻولين ۾ شاعري بہ ڪيائين. هن جي شاعريءَ ۾ محبت ۽ حق جي تلاش ۽ جستجو آهي. سندس تخلص ’ذهين‘ هو، جيڪو هن کي پنھنجي پيءُ ديدار بخش ڏنو هو. ابتدائي تعليم جئپور مان ۽ عالم فاضل جي ڊگري پنجاب يونيورسٽيءَ مان 1925ع ڌاري حاصل ڪيائين.
1947ع ۾ هن پاڪستان ۾ ’عاليه تاجيه‘ سلسلي جو بنياد وڌو. هو وحدت الوجود جو قائل ۽ فلسفيانه ذهن رکندو هو. هو هڪ پختو شاعر هو. جنهن جو حلقو تمام وسيع هو، جنهن ۾ عام ماڻهن کان سواءِ نامور شاعر، اديب، استاد، سفير ۽ وزير شامل هئا. هو ان خيال جو هو تہ تصوف اصل ۾ نالو ئي تڪبر ۽ غرور کي ختم ڪرڻ جو آهي. هو هڪ سٺي شاعر وانگر حمد، نعت، منقبت ۽ غزل ۾ منفرد انداز رکندو هو. غزل ۾ هن جو خاص موضوع وحدت الوجود رهيو. هن جي غزلن جي ديوانن ۾
’آيات جمال‘ (فارسي) ديوان ’جمال آيات‘، ’مجموعه حمد و نعت و منقبت‘، ’لمعات جمال‘ ۽ نظمن جي ديوانن ۾ ’جمالستان‘ اهم حيثيت رکن ٿا.
ابن عربيءَ جي ڪتاب ’فصوص الحڪم‘ جي شارح هئڻ کان گڏ سندس ڪتاب ’فتحيات مڪه‘ ۽ بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج جي ڪتاب ’ڪتاب الطواسين‘ جو ترجمو مشھور آهن. هو 1947ع کان 1978ع تائين ’عاليه و تاجيه‘ سلسلي جي سجادہ نشين جي حيثيت ۾ خانقاھہ عاليه تاجيه ۾ حضرت بابا تاج الدين تاج ۽ حضرت بابا يوسف شاھہ جي مزارن تي سالياني عرس جو اهتمام ڪندو هو. ذهين شاھہ تاجيءَ جو مقالو ’حسين منصور حلاج‘ شيما مجيد جي تازي تصنيف حيات و ڪلام حسين بن ‘منصور حلاج‘ ۾ شامل آهي، جنهن ۾ هن انهن سڀني ڪردارن کي غدار قرار ڏنو آهي، جن منصور جي قتل جي فتوا ڏني، سندس شهادت مھل خاموشي اختيار ڪئي هئي يا سندس مخالفت ڪئي هئائون، نہ رڳو ايترو، پر هن حضرت جنيد بغداديءَ تي پڻ سخت تنقيد ڪئي آهي. جيڪو سڀ ڪجهہ ڄاڻندي ’ظاهر دار‘ رهيو.ذهين شاھہ تاجيءَ جي صوفياڻي شاعري لازوال ۽ عشق الاهيءَ سان سرشار آهي. ذهين شاھہ تاجي بابا تاج الدين ناگپوريءَ جو طالب هو ۽ هن جا رئيس امروهي ۽ جون ايليا سان تمام ويجها تعلقات رهيا. جون ايليا کي ’منصور حلاج‘ بابت قائل ڪرڻ ۽ منصور تي لکڻ لاءِ آمادہ ڪرڻ ۾ ذهين شاھہ تاجيءَ جو وڏو هٿ رهيو.
ذهين شاھہ تاجيءَ 1978ع ڌاري وفات ڪئي ۽ هو ميوا شاھہ قبرستان ڪراچيءَ ۾ مدفون آهي، جتي هر سال عرس جون ٽي ڏينهن تقريبات ٿينديون آهن.