
بابا فريد گنج شڪر
حضرت فريد الدين مسعود، جنهن کي عام ۽ خاص ’بابا فريد گنج شڪر‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو، برصغير جو ولي ڪامل ۽ وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ 569ھہ/1173ع ۾ ملتان ضلعي جي هڪ ڳوٺ چاولي مشائخ ۾ ڄائو. سندس والد جمال الدين سليمان ڪامل ولي هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت عمر رضہ سان ملي ٿو. ملتان ۾ تعليم دوران سندس ملاقات خواجہ قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ سان ٿي، جنهن جي بيعت ڪيائين ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ غزني، بغداد، سيستان، بدخشان ۽ قنڌار جو سفر ڪيائين ۽ ان دور جي وڏن عالمن کان درس ورتائين. مشھور درويشن علاءُ الدين اولياءُ، شيخ جمال هاشوي ۽ ٻين ڪيترن ئي درويشن سان سندس صحبت رهي. پوءِ اجوڌن (پاڪ پتڻ) کي پنھنجي تبليغ ۽ تدريس جو مرڪز بنايائين ۽ اتي سال 664ھہ /1265ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار پاڪ پتڻ شريف ۾ آهي. هر سال محرم مهيني جي چوٿين تاريخ تي سندس عرس ٿيندو آهي. بابا فريد جا ناصحانه دوها سنڌ جي سگهڙن وٽ ڪچهرين ۾ هلندڙ آهن. بابا فريد گنج شڪر جي تعليم ۽ طريقي جو سلسلو سنڌ تائين پهتل هو. سندس سلسلي ۾ سماع کي خاص اهميت هئي ۽ ان ڪري يقيني طور سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن، پاڪ پتڻ ۾ سندس خانقاھہ تي سماع جون محفلون مچايون هونديون. هڪ حوالي موجب، دهليءَ ۾ شيخ نظام الدين اولياءُ وٽ شيخ فريد گنج شڪر جو مريد حسين سنڌيءَ نالي قوال رهندو هو، جيڪو اتي سرود ڪندو ۽ ڳائيندو هو. مير خورد ڪرماني ’سيرالاولياءُ‘ ۾ ڄاڻايو آهي تہ ”شيخ فريد ’هندي‘ چڱيءَ طرح ڳالهائي سگهندو هو.“ هنديءَ مان مراد ملتان ۽ سنڌ واري مقامي ٻولي ’هندوي‘ ٿي سگهي ٿي، جيڪا ان وقت جي سرائڪي- سنڌي ٻولين جي آميزش واري زبان هئي. شيخ فريد پنهنجن مريدن کي پنھنجي زبان ۾ ذڪر ڪرڻ جي تلقين ڪئي تہ جيئن هو لفظن کي سمجهن ۽ سندن دل تي اثر ٿئي. محمد غوث گوالياريءَ پنھنجي ڪتاب ”جواهر خمسہ“ ۾ انهيءَ ذڪر جا ٽي فقرا ڏنا آهن، جن جي سٽاءَ مان ظاهر آهي تہ اهي سرائڪي ۽ سنڌيءَ جا آهن. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي تہ حضرت بابا فريد مسعود گنج شڪر عام مقامي ٻولي ’هندويءَ‘ ۾ دوها چيا. ڪن محققن جي راءِ ۾ اهي دوها، جيڪي ’بابا فريد‘ جي نالي سان منسوب آهن، سي بابا فريد مسعود گنج شڪر جا نه، پر سندس جاءِ نشينن مان ڪنهن دوريش ”فريد ثانيءَ“ جا چيل آهن. سکن جي ڌرمي ڪتاب ”آد گرنٿ“ (گروگرنٿ) جي آخري پنجين ڀاڱي ’ڀوڳ‘ هيٺ ڪن دوهن تي سرائڪي- سنڌيءَ جو رنگ چڙهيل آهي. ان سلسلي ۾ هيٺيان دوها غور طلب آهن: سرور پنڇي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس اِنِي نِڪي جنگَيم، ٿَلُ ڊوگر ڀَويوم اَجَ فريدئي ڪوجڙا، سَو ڪُهان ٿيوم فريدا سبنئان مَن ماڻڪ، ڊاهڻ مول مَ چنگا جِي توءِ پري دي سِڪ، هِيانَو نہ ڊاه ڪنهين دا. انهن دوهن جي صورتخطي ائين آهي، جيئن ”آد گرنٿ“ ۾ ڏنل آهي، يعني گهٽ ۾ گهٽ 1604ع تائين (جڏهن ”آد گرنٿ“ تاليف ٿيو) اُهي دوها ائين لکيا، پڙهيا ۽ اچاريا ويندا هئا. پهرين ٻن دوهن ۾ سنڌي اثر نمايان آهي. معلوم ٿئي ٿو تہ شاھہ لطيف خود بابا فريد کان متاثر هو. هيٺيون بيت بابا فريد جي بيت جو سڌو سنئون ترجمو آهي، پر تخليقي سٽاءَ لطيف جي وڌيڪ بهتر آهي. سر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاھہ سندي آس الله، لُڏي لهرين وچ (شاھہ) ان کان سواءِ هي بيت سنڌ جي سگهڙن وٽ زباني روايتن ذريعي هلندو آيو آهي. ٿر ڏونگر بر روھہ، ميي سڀ مناڙيا اڱڻ اسي ڪوه، هاڻي هن جَهاز کي. ٽالپرن جي دؤر جي هڪ قلمي نسخي ۾ شاعر غلام علي ملاح، مير فتح علي خان جو ڪلام گڏ ڪيو آهي، تنهن جي آخر ۾ هي بيت غلط نموني سان هيٺينءَ ريت لکيل آهي، بهرحال ان مان ظاهر آهي تہ گذريل اڻويهين صديءَ ۾ هيءَ بيت اديبن ۽ شاعرن کي پڻ معلوم هو: ر ٿر ڏيھہ ڏونگر هن، ميي سڀ مناڙيا هاڻي هن جھاز کي، اڱڻ پڻ اُسي ڪُهن. بهرحال، بابا فريد گنج شڪر جي شاعريءَ تي سنڌيءَ جو يا سنڌيءَ تي سندس شاعريءَ جو اثر آهي، جيڪا حقيقت آهي، ۽ اُها سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جو باب ۽ حصو آهي. بابا فريد جي دوهن تي سنڌيءَ ۾ آغا سليم ڪم ڪيو آهي.
1173.00.00 عيسوي
حضرت فريد الدين مسعود ، جنهن کي عام ۽ خاص ’ بابا فريد گنج شڪر ‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو پاڻ 569هه/1173ع ۾ ملتان ضلعي جي هڪ ڳوٺ چاولي مشائخ ۾ ڄائو
1265.00.00 عيسوي
حضرت فريد الدين مسعود ، جنهن کي عام ۽ خاص ’ بابا فريد گنج شڪر ‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو اجوڌن ( پاڪ پتڻ ) کي پنهنجي تبليغ ۽ تدريس جو مرڪز بنايائين ۽ اتي سال 664هه /1265ع ۾ وفات ڪيائين . سندس مزار پاڪ پتڻ شريف ۾ آهي . هر سال محرم مهيني جي چوٿين تاريخ تي سندس عرس ٿيندو آهي
0000.01.04 هجري
حضرت فريد الدين مسعود ، جنهن کي عام ۽ خاص ’ بابا فريد گنج شڪر ‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو اجوڌن ( پاڪ پتڻ ) کي پنهنجي تبليغ ۽ تدريس جو مرڪز بنايائين ۽ اتي سال 664هه /1265ع ۾ وفات ڪيائين . سندس مزار پاڪ پتڻ شريف ۾ آهي . هر سال محرم مهيني جي چوٿين تاريخ تي سندس عرس ٿيندو آهي