بابا نيڀراڄ

بابا نيڀراڄ

بابا نيڀراڄ

بابا نيڀراڄ: سنڌ جو بھترين صوفي شاعر ۽ بزرگ، بابا نيڀراڄ 1875ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو. هيءُ هندن جي ”ڀاٽياذات مان هو. شاگرديءَ واري دور ۾ هوشيار هو ۽ هميشہ سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو هو. فائنل پاس ڪري، اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ لڳو.
بابا نيڀراڄ کي سنڌ جي نامياري صوفي شاعر قادربخش بيدل جي صحبت حاصل ٿي، جنهن وٽان هن گهڻو فيض پرايو. بيدل فقير جي فرزند بيڪس فقير سان بہ سندس صحبت هئي. پاڻ سدائين مالڪ جي بندگيءَ ۾ مشغول رهندو هو. روايت آهي تہ هڪ دفعي هو ايشور جي عبادت ۾ ايترو تہ گم ٿي ويو، جو اسڪول وڃڻ جي ڳالھہ بہ وسري ويس ۽ ان ڏينهن تي انسپيڪشن بہ هئي. هن ٻئي ڏينهن وڃي هيڊماستر کي سچ ٻڌايو ۽ حيران رهجي ويو، جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته، تون تہ ڪالھہ انسپيڪشن ۾ موجود هئين! بابا نيڀراڄ ان واقعي کي مالڪ جو راز سمجهيو. پاڻ سڄي زندگي مجذوبيت واري حالت ۾ گذاريائين. 1949ع ڌاري وفات ڪري ويو. سندس تصنيفن ۾ ”پاڻ ٿو ڄاڻي“ ۽ ”راءُ ريجهايوسين“ مقبول ڪتاب آهن.


لفظ بابا نيڀراڄھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1875.00.00  عيسوي

سنڌ جو بهترين صوفي شاعر ۽ بزرگ ، بابا نيڀراڄ 1875ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو . هيءُ هندن جي ” ڀاٽيا “ ذات مان هو .


1949.00.00  عيسوي

سنڌ جو بهترين صوفي شاعر ۽ بزرگ ، بابا نيڀراڄ 1949ع ڌاري وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ خضر سيوستاني
عشرت حسين ڊاڪٽر
علي نواز خان چاچڙ
خالد ڀٽي
سندر اگناڻي
شير محمد خان ٻگهيو
الھہ بخش ٽالپر
بابا بھار بخش خان
بيگن ٻارڻ
ڄام راهو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون