بابا گوبند داس

بابا گوبند داس: بابا گوبند داس جو جنم سنڌ ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ ٽلٽيءَ کان ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي، گاڏه بستيءَ ۾ موٽومل گوڪلاڻيءَ جي گهر سال 1880ع ۾ ٿيو. سندس پهريون نالو ”دولت“ هو. سندس ماءُ جو نالو گنگا ٻائي هو. کيس ابتدائي تعليم لاڏڪرام ڏني، جنهن کان پوءِ دادوءَ جي سنت ڀڳترام جي شيوا جو موقعو مليس.
مائٽن کيس بوبڪ ۾ پسارڪو دڪان ڪڍي ڏنو، پر روحاني رهبري لاڏڪ رام ۽ ڀڳترام کان وٺندو رهيو. بابا گوبند داس جتي به ويندو هو، اتي درس کولي ويهي رهندو هو، ان ڪري سندس ڪيترائي معتقد بڻجي پيا. هو ماس نه کائڻ بابت ليڪچر ڏيندو هو ته وڏا وڏا علم وارا انهي گهڙيءَ عمل شروع ڪري ڏيندا هئا. جڏهن سندس گهرواريءَ لاڏاڻو ڪيو ته مائٽن کيس پرڻائڻ جا سانباها ڪيا، ته بابا گوبند داس ڪراچيءَ هليو ويو، جتان لاڏڪ رام کيس وٺي، 1927ع ۾ هالاڻي درٻار ۾ آيو، جتي سندس حصي ۾ ڀنڊاريءَ جي شيوا جو ڪم آيو. گوبند داس 1953ع ڌاري اجمير ۾ گروءَ جي گاديءَ تي ويٺو، جتي اجمير جي درٻار ٺهرائڻ شروع ڪيائين ۽ پاڻ تغاريون کڻندو هو. هي درويش مئي 1989ع ڌاري 108 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.


لفظ بابا گوبند داسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.00.00  عيسوي

: بابا گوبند داس جو جنم سنڌ ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ ٽلٽيءَ کان ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي ، گاڏه بستيءَ ۾ موٽومل گوڪلاڻيءَ جي گهر سال 1880ع ۾ ٿيو


1953.00.00  عيسوي

بابا گوبند داس 1953ع ڌاري اجمير ۾ گروءَ جي گاديءَ تي ويٺو


1989.05.00  عيسوي

بابا گوبند داس درويش مئي 1989ع ڌاري 108 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرهيو خدا داد
پشپا ڀاوناڻي
پونجراج مل ڪيسراڻي
ڄام بابينو
ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاهه سان جنگ
ڄام سڪندر (اول)
غلام حيدر فقير تيرهيو
بادشاهه
استاد دين محمد خان جيڻو
پاٽائي مخدوم عباس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون