
بابري مسجد
بابري مسجد: بابري مسجد 1528ع ۾ بابر بادشاھہ تعمير ڪرائي هئي. اها مسجد ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي فيض آباد جي شھر اجوڌيا (ايوڌيا) ۾ اڏيل هئي. اجوڌيا شھر هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم وارن جو مقدس شھر آهي، ڇاڪاڻ تہ هندو ڌرم وارا هن شھر کي شري رام چندر جي ڄمڻ وارو هنڌ ٿا سمجهن ۽ ٻڌڌرم وارن جون وري هتي ڪجهہ عبادتگاهون آهن، جڏهن تہ بابري مسجد جي موجودگيءَ سبب هيءُ شھر مسلمانن لاءِ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. هندو ڌرم وارا چون ٿا تہ بابري مسجد جنهن هنڌ تي تعمير ٿيل آهي، اتي در اصل رام جنم ڀومي هئي. ان ڪري اتي کين مندر اڏڻ ڏنو وڃي. 1990ع ڌاري بنياد پرست هندن جي هڪ گروھہ بابري مسجد جي جاءِ تي ’رام مندر‘ اڏڻ جي ڪوشش ۾ اتي ڪجهہ مورتيون رکي پوڄا جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن تان اتان جي مقامي هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ فساد ٿي پيا. هڪ نازڪ عدالتي حڪم ذريعي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ کان روڪڻ لاءِ ساڳي حيثيت (اسٽيٽس ڪو) قائم رکندي، هٿياربند گارڊ مسجد جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويا. پر وري 1992ع ۾ انتهاپسند هندن جي هڪ گروھہ مسجد تي ڪاھہ ڪري ان کي شھيد ڪري ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي ”رام جنم ڀومي“ نالي مندر قائم ڪيو. ان واقعي نہ صرف ڀارت ۾، پر آسپاس جي مسلمان ملڪن ۾ بہ بيچيني پيدا ڪري وڌي. ان کانپوءِ ڀارتي حڪومت پاران اهو اعلان ڪيو ويو تہ جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي تہ هتي مسجد جي اڏجڻ کان اڳ ڪو مندر موجود هو تہ اها اتي اهڙو مندر ٺهرائي ڏيندي. 1994ع جي پڇاڙيءَ کان هاءِ ڪورٽ اهو معاملو ٽاريندي اچي. هن وقت اهو معاملو الھہ آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي ۽ ان هنڌ تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن.
1528.00.00 عيسوي
بابري مسجد 1528ع ۾ بابر بادشاهه تعمير ڪرائي هئي . اها مسجد ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي فيض آباد جي شهر اجوڌيا ( ايوڌيا ) ۾ اڏيل هئي
1990.00.00 عيسوي
1990ع ڌاري بنياد پرست هندن جي هڪ گروهه بابري مسجد جي جاءِ تي ’ رام مندر ‘ اڏڻ جي ڪوشش ۾ اتي ڪجهه مورتيون رکي پوڄا جو سلسلو شروع ڪيو ، جنهن تان اتان جي مقامي هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ فساد ٿي پيا
1992.00.00 عيسوي
پر وري 1992ع ۾ انتهاپسند هندن جي هڪ گروهه بابري مسجد مسجد تي ڪاهه ڪري ان کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي ” رام جنم ڀومي “ نالي مندر قائم ڪيو . ان واقعي نه صرف ڀارت ۾ ، پر آسپاس جي مسلمان ملڪن ۾ به بيچيني پيدا ڪري وڌي