بابر علي

بابر علي

بابر علي

بابر علي: ٽي وي ۽ فلمن جو مشھور اداڪار بابر علي ولد ڪرامت علي 30 جون 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم گريجوئشن آهي. اداڪاري جي شروعات ننڍڙي عمر ۾ پي ٽي وي جي هڪ ڊرامي ’لبيڪ‘ ۾ محمد بن قاسم جي ڪردار ادا ڪرڻ سان ڪئي. برصغير جي تاريخ تي مبني ڊرامي ’بابر‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو. ڊرامي ’لنڊا بازار‘ ۾ سندس ڪردار ’بالي‘ (اقبال) ڪافي مقبوليت ماڻي. 1995ع ۾ پھرين فلم ’جيوا‘ ۾ اداڪارا ريشم سان گڏ ڪم ڪيو. سندس ٻين مشھور فلمن ۽ ڊرامن ۾: ’ منڈ ا بگڑا جائے‘ (فلم)، ’چور مچائے شور‘ (فلم)، ’کھوئے ہو تم کہاں‘ (فلم)، ’اک نظر میری طرف دیکھو‘ (ڊرامو)، ’وفا‘ (ڊرامو)، ’لال عشق‘ (ڊرامو)، ’تڑپ‘ (ڊرامو) ۽ ’امانت‘ (ڊرامو) شامل آهن. ان کان علاوه ٽي وي جي مارننگ شو ’صبح بابر علی کے ساتھ‘ جي ميزباني پڻ ڪئي آهي. سندس فن جي مڃتا طور کيس نگار اوارڊ (2000ع) ملي چڪو آهي


لفظ بابر عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.06.30  عيسوي

ٽي وي ۽ فلمن جو مشھور اداڪار بابر علي ولد ڪرامت علي 30 جون 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خاناڻي نصير خان
خسرو خان چرڪس
صبيحه مغل ڊاڪٽر
خالد ڀٽي
شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي
چانڊيو شهمير خان
چئناڻي حشمتراءِ آتما
پشپا مالهي
سوهارتو Suharto
چارلس ڊڪنس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون