حمورابي بادشاهه جي وقت ۾ بابل شهر جو ڏيک

حمورابي بادشاهه جي وقت ۾ بابل شهر جو ڏيک

بابل شهر ۾ بعد ۾ آيل تبديليءَ جو ڏيک

بابل شهر ۾ بعد ۾ آيل تبديليءَ جو ڏيک

بابل شهر جي هڪ علائقي جو ڏيک

بابل شهر جي هڪ علائقي جو ڏيک

ميسوپوٽاميا يا دو آبو؛ دجلا فرات درياهن جي بيهڪ

ميسوپوٽاميا يا دو آبو؛ دجلا فرات درياهن جي بيهڪ

بابل

بابل: قديم بابل جو نالو ”ڪالديا“ آهي، جنهن جو توريت ۾ ذڪر آهي. شروع ۾ ڏکڻ عراق ۾ فرات ۽ دجله درياهن جي وچ واري علائقي جو نالو هو، پر پوءِ وقت گذرڻ سان عراق جي وڏي حصي کي ”ڪالديا“ چوندا هئا، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”اُر“ (UR) هو. حضرت ابراهيم عليہ السلام اتي جو ويٺل هو. هيءُ هڪ قوم جو نالو هو، جيڪا حضرت عيسيٰ کان ٻہ هزار ورهيہ اڳ شام ملڪ تي حڪمران هئي. اعلامي، قديم ايران جو هڪ صوبو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ صوصه هو، اتان جي رهاڪن ۽ بابل جي رهاڪن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. هن وقت اوائلي تھذيب جا ماهر صوصه (سوسه) کي دنيا جي قديم ترين شهرن ۾ شمار ڪن ٿا. ”بابل“، دجله ۽ فرات جي دوآبي جي قديم سلطنت جو نالو آهي. هي نالو دوآبي، دجله ۽ فرات جي ڏاکڻئي حصي وارين رياستن، ليگاش، اُڪاد، ايرڪ ۽ اُر لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪا ٽي هزار سال ق. م ۾ عروج تي هئي، پر هن مان مراد گهڻو ڪري سامي تھذيب جي ورتي ويندي آهي. بابل جو بنياد ”سرجون“ وڌو ۽ حمورابيءَ جي دؤر ۾ هن سلطنت جو عروج هو. تقريباً 1800 ق. م ۾ هتي خط ميخيءَ ۾ مختلف علمن، واپار ۽ فنِ تعمير فروغ حاصل ڪيو، پر پوءِ سترهين صديءَ ق. م ۾ خانہ بدوش ’ڪاسين‘ (Kassites) جي حملن هن سلطنت کي تباھہ ڪري ڇڏيو. پوءِ اشوري سلطنت جي اقتدار ۾ اچڻ تي بابل کي ٻيهر عروج نصيب ٿيو. 689 ق. م ۾ سخيرب بغاوت ڪئي، پر 625 ق. م ۾ ينبو پولاسو بابل کي ٻيهر آزاد ڪرائي ورتو ۽ بخت نصر جي دؤر ۾ بابل انتهائي عروج تي پهچي ويو. پوءِ 538 ق. م ۾ ايرانين سائرس اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪيو تہ بابل جو زوال شروع ٿي ويو. علم، فن، تھذيب ۽ ٻين حوالن سان بابل جون وڏيون خدمتون آهن. بابل جا ”ٽنگيل باغ“ دنيا جي عظيم عجوبن ۾ شمار ٿين ٿا. بابل ميسپوٽيميا جي علائقي واريءَ تھذيب جو اهم شھر هو، جيڪو چار هزار سال ق. م کان بہ گهڻو اڳ موجود هو. ميسپوٽيميا (دو آبو= دجله ۽ فرات جي وچ واري سرزمين) هاڻوڪو عراق آهي. 1750 ق. م ۾ بابيلونيا جي حمورابي بادشاھہ بابل کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. ان وقت بابل دنيا جو وڏي ۾ وڏو شھر بڻجي ويو. هي شھر فرات درياھہ جي ڪناري تي ٻڌل هو. 689 ق. م ۾ اشوري بادشاھہ بابل تي حملو ڪري ان کي برباد ڪري ڇڏيو. ان بادشاھہ جو نالو سيناچوب هو. 625 ق. م ڌاري بخت نصر ٻئي، بابل کي ٻيهر تعمير ڪرايو. هن شھر کي درياھہ تي پُل ٻڌائي، اولهائين ڪناري ڏانهن بہ شھر کي وڌايو. بابل ۾ هٿرادو اڏيل عجيب باغ هئا. جيڪي ستن عجائبات ۾ شامل آهن. 538 ق. م ۾ ايراني بادشاھہ سائرس اعظم بابل تي قبضو ڪيو. 275ع کان بابلي تھذيب جو زوال شروع ٿيو. اڄ رڳو ان جا کنڊر يادگار طور بيٺل آهن. بابل ۾ هڪ تمام ڊگهي مينار جيان عمارت هئي، جنهن کي ”بابل جو برج“ بہ چيو ويندو هو. ان جي اوچائي 300 فوٽ هئي، جيڪا ستن منزلن تي مشتمل هئي.
بابلي تھذيب ۽ سنڌو تھذيب جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق رهيو آهي. مثال طور: اُر، ڪيش ۽ تل آسمار جي قديم آثارن مان مليل اُڪر وارن ٺڪرن تي سنڌو دور جي مخصوص جانورن جون شڪليون ملن ٿيون. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي ”خط“ واريون لکتون ڏنل آهن. سُمير ۽ تل آسمار وٽ سارگن بادشاهن جي دور وارن ذخيرن ۾ سنڌو لوڪن جي مخصوص طريقي سان ٺاهيل ڪيتريون ئي شيون مليون آهن، جھڙوڪ نقش ڪيل موتين جا داڻا يا مڻڪا ۽ هڏن تي مخصوص گلڪاريءَ ۽ مٽيءَ وارا ٺڪر جا برتن. حيرت انگيز ۽ دلچسپ شيءِ نرم چيڪي مٽيءَ جي ٺهيل مُهر آهي، جنهن جي پٺ تي لهري ڪپڙي جو نشان يا ٺپو صاف لڳل هو. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي خاص علامتي نشانن جا ڇاپا لڳل آهن. سنڌوءَ جي هڪ قسم جي مھر تي سمير وارن جي مخصوص مخروطي اکرن جي تحرير موجود آهي. ”ميلوها“ کان جيڪي شيون حاصل ڪيون وينديون هيون، جن ۾ سون، عاج، عاج مان ٺهيل گلڪاريءَ واريون شيون، عاج مان تراشيل ميلوها پکي، ڦڻيون، آئينا، دٻليون ۽ سرايون وغيرہ شامل هيون. تِمر ۽ چُوري جي نالن سان سڃاتل ڪاٺ، جيڪو سنڌ مان ايران يا بابل ڏانهن موڪلبو هو. بابل جي آثارن ۾ سنڌو تھذيب جي هڪ مخصوص شھر جهڙيون ڳالهيون ۽ اتي جي ماڻهن جي تمدن جو هوبهو نقل نظر اچي ٿو. جاين جي اهائي مستطيل بيهڪ، پاڻيءَ جي نيڪال وارين نالين جو ڄار، مقرر نموني جا اوزار ۽ هٿيار، مهرن وارا تعويذ، جن تي سنڌوءَ جي جانورن جون شڪليون ۽ تحريرون اُڪريل آهن. اهي وصفون پڻ هن قديم تھذيب مان ملن ٿيون.


لفظ بابلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1800.00.00  قبلِ مسيح

بابل جو بنياد ” سرجون “ وڌو ۽ حمورابيءَ جي دؤر ۾ هن سلطنت جو عروج هو . تقريباً 1800 ق . م ۾ هتي خط ميخيءَ ۾ مختلف علمن ، واپار ۽ فنِ تعمير فروغ حاصل ڪيو ، پر پوءِ سترهين صديءَ ق . م ۾ خانه بدوش ’ ڪاسين ‘ ( Kassites ) جي حملن هن سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو .


0538.00.00  قبلِ مسيح

بابل جو زوال: 625 ق . م ۾ ينبو پولاسو بابل کي ٻيهر آزاد ڪرائي ورتو ۽ بخت نصر جي دؤر ۾ بابل انتهائي عروج تي پهچي ويو . پوءِ 538 ق . م ۾ ايرانين سائرس اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪيو ته بابل جو زوال شروع ٿي ويو .


4000.00.00  قبلِ مسيح

بابل ميسپوٽيميا جي علائقي واريءَ تهذيب جو اهم شهر هو ، جيڪو چار هزار سال ق . م کان به گهڻو اڳ موجود هو


1750.00.00  قبلِ مسيح

1750 ق . م ۾ بابيلونيا جي حمورابي بادشاهه بابل کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو . ان وقت بابل دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو . هي شهر فرات درياهه جي ڪناري تي ٻڌل هو . 689 ق . م ۾ اشوري بادشاهه بابل تي حملو ڪري ان کي برباد ڪري ڇڏيو



علائقو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حديبيه
کائڙ
صوبو
جتوئڪي رياست جو خاتمو
بابل
ڪَاڇو
پليجار
پنهوار جي رياست
چوڪ ملڪ امان
ديراموڙ
علائقو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون